شھدادڪوٽ/باهو کوسو (رپورٽ: امير علي مڱڻهار/ رمضان نوناري) بلوچستان جي صحبت پور ٿاڻي جي حد آر ڊي 238 جي ڳوٺ دوران خان کوسو ۾ رات دير سان ھٿياربندن جديد ھٿيارن سان حملو ڪري ھڪ ئي خاندان جي 7 ڀاتين کي قتل ڪري ڇڏيو. قتل ٿيلن ۾ محمد صديق شيخ سندس گھر واري 4 پٽ اسد رحمان، سعيد الله، يامين، ياسر ۽ طاھران شامل آھن. واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف وهراس ڇانئجي ويو، پوليس موجب واقعو پراڻي زمين جي معاملي تان پيش آيو آهي. واقعي جي اطلاع کانپوءِ پوليس ۽ امدادي ٽيمون موقعي تي پهچي ويون، مارجي ويلن جا لاش اسپتال نيا ويا، هٿياربند ڪارروائي کانپوءِ فرار ٿي ويا. پوليس واقعي جي جاچ ۽ جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڏني.
بگٽي ڌر 3 سئو جريب زمين تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿي، هارين تي حملو ڪري 7 گهرڀاتي ماري لاش ساڙيا ويا: دوران خان کوسو
باھوکوسو: وڏيري دوران خان کوسو ٻڌايو ته عظمت بگٽي سان منھنجو 3 سئو جريب زرعي زمين تان تڪرار ھلندڙ آھي، جيڪا زمين منھنجي ابن ڏاڏن کان وٺي اسان جي آھي، جنھن جا کاتا به اسان جا آھن، عظمت بگٽي زبردستي منھنجي زمين تي قبضو ڪرڻ چاھي ٿو، ھن منھنجي ڳوٺ تي حملو ڪري منھنجي ھاري علي حسن شيخ جي 7 گھر ڀاتين کي فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ بعد لاشن کي باھه ڏئي ساڙي ڇڏيو آھي.
ظالم جوابدارن ويڙهو ويران ڪري ڇڏيو: گل حسن شيخ
باھوکوسو: مقتول علي حسن شيخ جي ڀاءُ گل حسن شيخ ٻڌايو ته اسان پنجن سالن کان وڏيري دوران خان کوسو جي زمينن تي ھارپو ڪندا آھيو، رات جو عظمت بگٽي 7 ھٿياربندن سان اسان جي گھر مٿان چڙھائي ڪري فائرنگ ڪري منھنجي ڀاءُ علي حسن شيخ، ڀاڄائي زيبل شيخ ۽ ان جي پنجن معصوم ٻارڙن کي گوليون ھڻي قتل ڪرڻ بعد گھر کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو، جنھن سبب منھنجي چئن معصوم ڀائٽن ۽ ڀائٽين جا لاش مڪمل سڙي رک ٿي ويا آھن، منھنجي ڀاءُ علي حسن شيخ ڀاڄائي زيبل شيخ ۽ ڀائٽي اسد الرحمان شيخ جا لاش 50 سيڪڙو سڙيل آھن، ھن چيو ته ظالمن اسان سان ظلم ڪري اسان جو ويڙھو ويران ڪري ڇڏيو آھي، ھن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي.
ايمبولنس نه هجڻ ڪري مقتولن جا لاش ٽريڪٽر ٽرالي ۾ آندا ويا
باهو کوسو: ايمولينس نه ھجڻ ڪري مقتولن جا لاش ٽريڪٽر ٽرالي ۾ مانجھي پور آندا ويا، جتي مقتولن جي جنازي نماز مانجھي پور شھر جي شيخ محله ۾ ادا ڪئي وئي.
بگٽي-کوسا تڪرار ۾ شيخ ذات جي هاري جو ڪٽنب قتل
باھوکوسو: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل علي حسن شيخ پنجن سال اڳ مانجھي پور کان لڏي آر ڊي 238 ٿاڻي جي حد ڳوٺ دوران خان کوسو آيو، زمينن تي ھارپو ڪري پنھنجو ۽ پنھنجي ٻچن جو پيٽ پاليندو ھو، غظمت بگٽي پنج سال اڳ ھن کي لڏي وڃڻ لاءِ ڌمڪي به ڏني ھئي، ان جي باوجود ھو اتي ڳوٺ ۾ ويٺو رھيو ۽ محنت مزدوري ڪري ٻچن جو ۽ پنھنجو پيٽ پاليندو رھيو .