درگاھه عاليه ادبي بورڊ شريف بابت ڪجھه صلاحون!

0
84
ڳالھه ڪيان ڪيهي! .. مهراڻ ۾ موٽي اچي ملجان..

 پاڻ وارو ڪامريڊ لڏو ڏاڍو زورآور آهي، ڪتابن جي ڇپائي واري فضول ڪم کي روڪي ڇپائي جي پئسن مان بورڊ جو وڏو دروازو ٺهرائي در جو نالو“باب جي ايم سيد” رکيو ويو ته ان وقت قبلا سائين مخدوم سعيدالزمان “عاطف” صاحب جي ان فيصلي تي ڪنهن هڪڙي رڳو تاڙي به ڪونه وڄائي.

                 پر هاڻ جڏهن ڍڳي کي گم ڪري نقشي وارو نئون لوگو آندو ويو آهي ته پاڻ واري سنگت ٻوڏ متاثرن کي وساري قبلا سائين جي اصل پٺيان پئجي وئي آهي!

                 سنڌي ٻولي ۾ جديد لاڙا متعارف ڪرائيندڙ ۽ سنڌ ۾ سڀ کان گهڻو پڙهي ويندڙ ادبي بورڊ جي ملازم شاعره جي هڪ حامي دانشور سنڌي ڀائرن کي صلاح ڏني آهي ته ڍڳي وارو فضول بحث ختم ڪري هر ضلعي ۾ سنڌي ادبي بورڊ لاءِ اسٽال يا دڪان کولڻ جو مطالبو ڪيو وڃي.

                 اهو سچ آهي ته ادبي بورڊ جي ڪتابن ۽ رسالن جي کپت ايتري ته گهڻي آهي جو سڄي سنڌ جا لکين اديب، شاعر ۽ علم دوست نوجوان ادبي بورڊ جي رسالن ۽ ڪتابن جي پهچ کان پري هجڻ سبب اهي بورڊ جي تصنيفات خريد ڪري نه سگهندا آهن ان ڪري “ڍڳي بگي” وارا اجايا بحث ختم ڪري اسان کي ادبي بورڊ جي ڪتابن ۽ رسالن کي هر شهر ۾ پهچائڻ واري مطالبي کي هٿي وٺرائڻ گهرجي ته جيئن ادبي بورڊ جو ترقي پسند ادب ۽ تحقيقي مواد ڪروڙين ماڻهن تائين پهچي سگهي.

ڄامشوري جي ڦاٽڪي صحافين جي ضعيف ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته ادبي بورڊ پاران شايع  ٿيندڙ رسالن ۽ ڪتابن جون ڪاپيون لکن ۾ ڇپجنديون آهن جيڪي هٿو هٿ وڪاميو به وڃن ۽ هر شهر ۾ ادبي بورڊ جو دڪان يا اسٽال نه هجڻ ڪري لکين ٻيا ماڻهو اهڙو املھه ادب پڙهڻ کان قاصر رهجيو وڃن.

 سنڌ يونيورسٽي جي موجوده وي سي کي ته اجهو هاڻ مادر علمي کي مسلمان ڪرڻ جو خيال آيو آهي پر اها خبر تمام گهٽ ماڻهن کي هوندي ته “اصلاح نفس” جهڙو مضمون لکڻ واري سنڌي ادبي بورڊ جو موجوده چيئرمين ڳچ وقت اڳ هالا ۾ اهڙيون مذهبي چوپڙيون ڇپرائيندو رهيو آهي جنهن تي گهڻي وقت کان وٺي هالا جي مولائي  برادري قبلا سائين مخدوم سعيدالزمان جن تي ڪاوڙيل رهي آهي.

خبر ناهي ته مولائي حضرات قبلا سائين تي ڇاجي ڪري ناراض آهن پر چون ٿا ته درگاھه ادبي بورڊ شريف جي چيئرمين قبلا سائين حضرت مخدوم سعيدالزمان ‘عاطف’ صاحب فرقي وارانه بحثن تي ٻڌل طويل مضمون لکي مولائين کي ناراض ڪري وڌو هو.

فرقي وارانه بحثن کي پاسيرو رکجي ته به ان ڳالهھ ۾ ڪهڙي قباحت آهي ته ديني علم تي دسترس رکندڙ قبلا سائين کي ادبي اداري جو سربراھه نٿو بڻائي سگهجي.

مان جامي چانڊيي جي موقف کي هڪ ڌڪ ۾ رد ڪندي سنڌ جي مادر علمي ۾ علامه عطاري صاحب کان پوءِ “مولانا جهل دٻ” جهڙن عالم سڳورن جا ليڪچر ڪرائڻ جو به مطالبو ڪريان ٿو.

مان ته حج  جي ادائگي دوران سعودي عرب مان چائنا جي تسبيحن تي ڳڻپ ڪري عبادتون ڪندڙ هڪ عالم سڳوري جي ان ڳالھه سان به اختلاف نٿو رکان ته جهڙي طرح سر ۽ سنگيت ڪفر جي نشاني هوندي آهي ساڳي طرح ڍڳن ۽ گهوڙن جا فوٽو به بدعت آهن.

ديني مدرسن جي موجودگي ۾ ادبي ادارا ۽ لائبريريون به آخر ڪم ڪهڙي جون آهن؟

جن ماڻهن نو لک گودڙي واري قبلا سائين کي موهن جي دڙي واري ڍڳي کان ٽهڻ وارا طعنا ڏنا آهن تن کي ٻڌائيندو هلجي هالا جا مخدوم ابن ڏاڏن کان وٺي درگاھه ادبي بورڊ شريف جي خدمت ڪندا اچن، انهن کي نه ته ڪنهن نالي ۽ ناماچاري جي لالچ آهي، نه ئي اهي ڪنهن کان ڊڄن ٿا، کين ياد هجڻ گهرجي ته ادبي بورڊ جي ڏاند وارو لوگو مرحوم ضياءَ الحق جي دور ۾ به مٽايو ويو هو ان ڪري اها ڳالھه ڪا نئين ڪانهي.

ايئن کڻي سمجهو ته 35 سالن کان ملامتون سهندڙ مرحوم ضياءَالحق کي سندس دور جي هڪ ڀيرو ٻيهر ياد تازي ڪري کيس ننڍڙي ڀيٽا ڏني وئي آهي،

ان ننڍڙي ڀيٽا ۾ ادبي بورڊ اندر اگر ڪنهن کي مرحوم  ضياءَالحق جو روح ڳولڻ جا خيال اچن ٿا ته اها انهن ماڻهن جي محض خام خيالي ئي آهي.

ادبي بورڊ جو موجوده چيئرمين قبلا مخدوم سعيد الزمان “عاطف” جن هڪ باذوق  ماڻهو آهن، جن چئن پنجن سالن اندر درگاھه ادبي بورڊ شريف جو سمورو نقشو ئي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. سائين جن بورڊ جي احاطي ۾ ترقياتي ڪمن ذريعي ويران ٿيل عمارتن ۽ ميدانن ۾ نت نوان رنگ ڀري ڇڏيا آهن.

سنڌي ادبي بورڊ جي اڱڻ تي بلبن سان ٻرندڙ سنڌ جو نقشو ٺهرائڻ کان پوءِ يقينن قبلا سائين جن کي ڍڳي وارو لوگو وڏو ڪري ٺهرائڻ جو به خيال آيو هوندو،

وڏو لوگو ٺهرائڻ جو مطلب وڏو ڍڳو ٺهرائڻ.

پر جيئن ته ادبي بورڊ هن وقت مالي خساري کي منهن ڏئي رهيو آهي ان ڪري ٿي سگهي ٿو ته وچيون رستو ڪڍندي بانس ۽ بانسري واري فارمولي تحت بورڊ جو لوگو ئي تبديل ڪيو ويو هجي.

هونئن به بدليل دور ۾ هر شيءَ بدلجي رهي آهي،

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ ڪوڙي دنيا جا ڪوڙا ڪتاب پڙهي ڪاپي ڪري ڪوڙيون ڊگريون وٺندڙ ڀٽڪيل شاگردن کي راھه راست آڻڻ لاءِ تبليغي جماعتن جا تبليغي ليڪچر شروع ڪيا ويا آهن جيڪا انتهائي خوش آئند ڳالھه آهي،

اڳ ۾ شاگرد ڪلاس وٺي باقي وقت لائبريرين ۾ يا وري راند روند ۾ فضول وڃائي ڇڏيندا هيا پر هاڻ الله ڀلائي ڪري ميان محمد صديق جي، جنهن جي اچڻ کان پوءِ ڪلاسن کان پوءِ شاگرد باوضو ٿي دين جو درس ڏيڻ لاءِ ٽولين جي صورت ۾ هاسٽلن ۾ وڃي هڪ هڪ ڪمري جو در کڙڪائي ڀٽڪيل نوجوانن کي دين تي آڻڻ جي دعوت ڏين ٿا،

ساڳي طرح درگاهه عاليه سنڌي ادبي بورڊ شريف ۾ پڻ سموريون بدعتون ختم ڪرڻ جي شروعات ٿي چڪي آهي، جنهن جو مثال جانور جي تصوير وارو لوگو هٽائي سنڌ جو نقشو لڳايو ويو آهي.

 ڪجھه ماڻهن کي ان ڳالھه تي به اعتراض آهي ته هن وقت درگاھه عاليه ادبي بورڊ شريف جي بورڊ آف گورنرس ۾ اهڙا ميمبر به شامل آھن جن جي اڳيان لطيف جو رسالو يا اياز جو ڪتاب رکجي ته اهي چار بيتن کي درست پڙھي به نه سگهندا. عجيب منطق ۽ ڪيڏي نه احمقانا ڳالھه آهي، ڀلا  اهڙن انقلابي اديبن ۽ شاعرن کان ڪڏهن ڪنهن اهو سوال پڇيو آهي ته انهن کي صحيح بخاري جون ڪيتريون حديثون ياد آهن؟

1940ع ۾ قائم ٿيل ادبي بورڊ جي ڍڳي وارو لوگو چار سال بعد آرٽسٽ ۽ ليکڪ ع. ق. شيخ  ٺاهيو هو، پر اوهان کي ياد آهي الائي نه ته اهو ڍڳي وارو لوگو اڳتي هلي 1979ع ۾ عالي جناب حضرت جنرل ميان محمد ضياءَ الحق بدلائي ڇڏيو هو.

اوهان ادبي بورڊ جي لوگي ۾ هاڻوڪي بدلاءَ کي ڀلي ته سگهارن ادارن جي سازش قرار ڏيو پر اصل ۾ ايئن آهي ڪونه،

هي ته فقط قبلا سائين مخدوم سعيدالزمان عاطف جن ۽ عالي جناب حضرت ميان محمد ضياءَالحق جن جي خيالن جي هڪ جهڙائي آهي، يا اهو محض حسن اتفاق ئي آهي جو جنرل صاحب وارو ساڳيو نيڪ ڪم هن وقت هڪ ڀيرو ٻيهر سائين جن جي هٿان ٿيو آهي،

يقينن اهڙو ڪارنامو قبلا سائين کي تاريخ ۾ سرخرو ڪرڻ جو سبب بڻجندو.

قبلا سائين ۽ جنرل صاحب جي شخصيت ۽ سوچ جي لحاظ کان توڙي مڙني خيالن  ۽ فڪر ۾ هڪجهڙائي آهي پر ان وقت جنرل صاحب مجلسي صلاحڪارن سان ملي ڪري جيڪو ڍڳي وارو لوگو هٽرائڻ جو فيصلو صادر ڪيو هو سو هن ترت ئي سنڌين جي احتجاج سبب واپس وٺي ڇڏيو هو، پر آئون سلام پيش ڪريان ٿو قبلا سائين مخدوم سعيدالزمان “عاطف” صاحب کي جيڪي سموري سنڌ جي احتجاج، رڙين، دانهن، ڪوڪن نڙي ڦاڙ نعرن توڙي سندن خلاف لکڻ جي باوجود پنهنجي فيصلي تي اٽل بيٺا آهن ۽ چون ٿا ته جيئن ته هنن اهو فيصلو سنڌ جي نقشي کي پروموٽ ڪرڻ لاءِ ڪيو آهي ان ڪري ان فيصلي تان انچ به پوئتي نه هٽندا. ان کي ئي پختي ۽ پڪي قيادت چئبو آهي.

سنڌ جي ناليوارن اديبن شاعرن ۽ مڃيل محققن وانگر منهنجو به اهو ئي چوڻ آهي ته ڍڳي واري تحريڪ هلائي درگاھه عاليه ادبي بورڊ شريف جي ناموس خلاف سازش ڪندڙن خلاف سخت کان سخت قدم کنيو وڃي. درگاھه عاليه سنڌي ادبي بورڊ  شريف جي پيڙهين کان خدمت ڪندڙ مخدوم خاندان کي اهو صوابديد اختيار هجڻ گهرجي ته هو جيسين تائين به چاهين، تيسيتائين درگاھ عاليه ادبي بورڊ جي زوري خدمت ڪندا رهن!

کين اهو اختيار به مستقل طور تي ملڻ گهرجي ته هو جنهن کي به چاهين ته ان کي درگاھه ادبي بورڊ جي گورننس باڊي جو ميمبر به ڪري سگهن، گڏو گڏ قبلا سائين کي ھيٺ ڄاڻايل ڪجھه تجويزون به گوش گذار ڪرڻ چاهيان ٿو جن تي غور ڪرڻ فرمائيندا.

  1. ادبي بورڊ جي ڪاروباري ڪميٽي يعني “بي او جي” جو نالو مٽائي “مجلس شورا” رکيو وڃي.

2.ادبي بورڊ جو به نالو مٽائي ڪو اسلامي نالو رکڻ کپي، جهڙوڪ، مسلم ادبي بورڊ يا محمد بن قاسم بورڊ.

3.ادبي بورڊ جي لائبريرين ۾ پيل ڪتابن جون ڀريون بازار ۾ وڪڻي ڪافي ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو جنهن مان مرڻ بعد نجات ڏيارڻ وارا ديني ڪتاب خريد ڪرڻ گهرجن.

4.ادبي بورڊ جي حيدرآباد واري ڪتاب گهر جي عمارت کي فوري طور خالي ڪرائي ٻارن جي ديني تعليم لاءِ مدرسو کوليو وڃي.

5.درگاھه ادبي بورڊ  شريف ۾ تشريف کڻي ايندڙ مهمانن کي بورڊ جي احاطي کان ٻاهر چپلون لاهي، مٿي تي ڄاريءَ واري اڇي ٽوپي پائي پوءِ اندر داخل ٿيڻ گهرجي. ٿي سگهي ته احترامن چپل هٿ ۾ کڻي پوءِ اندر داخل ٿجي.

6.درگاھ عاليه ادبي بورڊ شريف ۾ ملازمن جي ڀرتين واري پاليسي ۾ ترميم ڪري گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو سيٽون سروري جماعت جي مريدن لاءِ مختص ڪرڻ گهرجن.

7.سنڌي ادبي بورڊ جي موجوده سيڪريٽري جي رٽائرمينٽ کان پوءِ سندس پٽ کي سيڪريٽري تعينات ڪيو وڃي.

  1. مخدوم محمد زمان طالب المولي’ سميت سمورن مخدوم صاحبان شاعرن جا سڀ ڪتاب عربي ۾ ترجمو ڪري شايع ڪيا وڃن.

9.ادبي بورڊ جي رسالن  “مهراڻ”  “سرتيون” ۽ “گل ڦل” تي بار ڪوڊ لڳائي علي بابا، اميزون ۽ ٻين ڪمپنين ذريعي سڄي دنيا تائين پهچائڻ جو بندوبست ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته ادبي بورڊ جي رسالن ۾ ڇپجندڙ جديد مواد کي سڄي دنيا پڙهڻ چاهي ٿي پر انهن وٽ رسالا پهچي نٿا سگهن.

10.ڪتابن جي ڇپائي واري فضول ڪم تي ڌيان نه ڏيڻ واري پاليسي کي برقرار رکندي پي آر او صاحب کي پابند ڪيو وڃي ته هو سنڌ جي پوڙهن اديبن ۽ شاعرن جي لسٽ تياري ڪري سندن مرتئي تي تعزيتي بيانن واريون پريس رليزون اڳواٽ ئي لکي رکي ڇڏي ته جيئن سندن اوچتي وڇوڙي تي وقت جي اجايي زيان کان بچي سگهجي.

اميد ته مٿين صلاحن تي قبلا سائين جن غور ڪرڻ فرمائيندا.