ڀٽ شاھه(ن پ ا) درگاھه حضرت شاھه عبداللطيف ڀٽائي جي سجاده نشين سيد وقار حسين شاھه لطيفي قائم مقام سجاده نشين سيد خاور حسين شاھه لطيفي جي ڀاءُ سيد مصطفي حسين شاھه لطيفي درگاھه لطيف سرڪار جي صحن تي ھر جمع ٻوھارو ڏيڻ واري رسم ادا ڪئي. ان موقعي تي سيد مصطفي حسين شاھه لطيفي زائرين جي موجودگي ۾ سڄي عالم جي خير برڪت لاءِ خاص دعا گهري. ان موقعي تي ھن درگاھه تي آيل زائرين عقيدتمند پانڌيئڙن شاھه لطيف فائونڊيشن لطيفي جماعت جي اڳواڻن کي خطاب ڪندي چيو ته انسانيت جي خدمت ڪرڻ کي وڌ ۾ وڌ ترجيح ڏني ڏني وڃي، ھن ھدايت ڪئي ته پنهنجي ٻارڙن خاص ڪري نياڻين کي تعليم ڏياري وڃي ۽ غريبن جو خيال رکڻ سان گڏ حقن جي ادائگي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ عورتن تي ظلم ڏاڍ بند ڪري کين حق ڏنا وڃن. ان موقعي تي سيد ڪاظم علي شاھه فقير قادر بخش خاصخيلي ڊاڪٽر قربان لسڪاڻي زوار بخت حسين بوداڻي جان محمد فقير ربڏنو ناپر ۽ ٻيا موجود هئا.