ڀٽ شاهه (ن پ ا) درگاھ ڀٽائي جي قائم مقام سجاده نشين پاران اچو ته نئين سنڌ اڏيون جي سلوگن جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪيو ويو آهي مريدن ۽ عقيدت مندن کي اچو ته نئين سنڌ اڏيون جي سري هيٺ ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ ڀرپور تيارين جي هدايت به ڪئي وئي، مريد ۽ عقيدتمند ايڪتا ڏهاڙو اچو ته نئين سنڌ اڏيون جي سري هيٺ ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا، قائم مقام سجاده نشين سيد خاور حسين شاه لطيفي ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي آفيس پهچي حمايت جو اعلان ڪيو ۽  ڳالهائيندي چيو ته ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار هر سال جيان بهترين عنوان سان ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي اسين علي قاضي جي اعلان جي ڀرپور آجيان ۽ مڪمل حمايت ڪريون ٿا شاھ لطيف جي مريدن عقيدت ۽ ڏيھ توڙي پرڏيهه ۾ رهندڙ سڀني سنڌين کي اپيل ڪندس ته 3 ڊسمبر تي اچو ته نئين سنڌ اڏيون جي سلوگن سان ڏهاڙو ڀرپور جوش جذبي سان ملهايو وڃي، هن چيو ته ثقافتي عيد جي شروعات علي قاضي صاحب ڪئي آهي ۽ هر سال بهترين عنوان جو انتخاب ڪيو ويندو آهي*اچو ته نئين سنڌ اڏيون* واقعي نئين سنڌ اڏڻ جي ضرورت آهي، سنڌ قلندر ڀٽائي ۽ سچل جي ڌرتي آهي ۽ اسان جي ثقافت هزارين سال قديم آهي ايڪتا عيد جي موقعي تي ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان ڀرپور ساٿ نڀايو ويندو، ڀٽائي در جي ٻهاريدار جي حيثيت سان علي قاضي صاحب ۽ ان جي ٽيم جي ڀرپور ڪاميابي لاءِ دعاگو آهيون.