بدين(رپورٽر) درگاهه لواري شريف جي باني سلطان خواجا محمد زمان صديقي نقشبندي جو 258 هون ساليانو عرس درگاھه لواري شريف تي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، عرس جو افتتاح سجاده نشين پير محمد صادق قريشي نقشبندي ڪيو، جنهن ۾ پير محمد صالح قريشي پڻ خصوصي شرڪت ڪئي، آيل هزارين مريدن ۽ عقيدتمندن لاءِ لنگر انتظام ڪيو ويو جڏهن ته ملڪي سلامتي لاءِ دعائون ڪرايون ويون، قاضي احمد، حيدرآباد، سانگهڙ، نوشهروفيروز، لاڙڪاڻو، دادو سيتا، گنداخه بلوچستان سميت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان عرس عقيدت مندن شرڪت ڪئي.