حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد سميت سنڌ جي مختلف شھرن جي رهواسين مير اختر حسين, فيصل گاڏاھي، امام دين سھتو, عابد گاڏاھي ۽ ٻين حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ضلعي بدين جي اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي ته درگاھه لنواري شريف تي ڪجهه ماڻھو امن امان خراب ڪرڻ چاهين ٿا. ضلعي بدين سميت اختياريون نوٽيس وٺن. ھنن چيو ته درگاھه لنواري شريف تي گذريل ڪجھه سالن کان قاضي احمد جي رھواسي فيض محمد ڪيريو جيڪو وفات به ڪري ويو آھي ان جي تدفين به اتي قاضي احمد ۾ آھي پر ڪجھ ان جا حمايتي ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ لاءِ ان جي ورسي لنواري شريف ۾ ملھائڻ جي ڪوشش پيا ڪن. ھنن چيو ته امڪاني ڇڪتاڻ کان بچڻ لاءِ اسان بدين ضلعي جي انتظاميا کي پڻ آگاھي ڏني آھي ان لاء اسان وري به ھڪ ڀيرو انتظاميا کي اپيل ٿا ڪريون ته لنواري شريف جي احاطي ۾ ٻاھرين ماڻھو جي ملھائجندڙ ورسي تي پابندي لڳائي امن امان قائم ڪيو وڃي.