ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ پوليس درگاهه قلندر لعل شهباز تي دهشتگردي جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو، 58سي سي ٽي وي ڪيميرائون خراب هجڻ جو انڪشاف، آءِ جي سنڌ  ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کي خط لکي درگاهه لعل شهباز قلندر تي سيڪيورٽي جا ناقص انتظام فوري طور تي ٺيڪ ڪرڻ جي هدايت ڪندي فول پروف انتظام ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، خط ۾ چيو ويو آهي ته روزانو ايندڙ  6 کان 7 هزار زائرين جي سيڪيورٽي لاءِ فوري طور تي مناسب انتظام ڪيا وڃن، خط ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته درگاهه تي قائم ڪنٽرول روم ۾  لڳل 100 مان 23 سي سي ٽي وي ڪيميرائون خراب آھن، جڏهن ته 12 مان 6  واڪ ٿرو گيٽ ناقص آهن،  ڪنٽرول روم نمبر (2) ۾ لڳل 83 سي سي ٽي وي ڪيميرائن مان 35 ناڪاره خراب پيل آهن.