راڻيپور(ن پ ا) درگاهه حضرت سچل سرمست جي گادي نشين خواجه عبدالحق فاروقي سنڌو درياءَ تي 6 ڪئنال ٺاھڻ خلاف احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، درازا شريف ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته سچل سرمست ۽ ڀٽائي سرڪار جي ڌرتي هميشه سرسبز رھي آھي، ان کي ڪڏھن به سڪڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته ڪئنال ٺاھڻ ڪنهن به صورت ۾ نه ڏينداسين، هن چيو ته مخالف اسان جي خون سان ڪئنال ٺاهي سگهن ٿا باقي درياءَ کي سڪڻ ڪنهن به قيمت تي نه ڏينداسين، هن چيو ته ڪالا باغ ڊيم خلاف هئي ۽ هاڻي به ڪئنالن جي خلاف آهي، هن چيو ته سنڌ جي تاريخ رھي آھي ته اھڙا واقعا ٿيندا آھن ته شھيدن جا قبرستان ڀريل ھوندا آھن.