نئون ڳوٺ(ن پ ا) درگاهه سعدي موساڻي جي مسافرخانن تي سيڪيورٽي اهلڪارن  مبينا قبضو ڪري ورتو آهي. ان ڏس ۾  درگاھه سعدي موساڻي تي اوقاف کاتي جو چيف ايڊمنسٽيٽر اوقاف فرخ شھزاد قريشي دوري تي پهچي درگاھه تي چادر چاڙھي دعا گھري ۽ مسافر خانن ۽ شاھي بازار جي رستي ۾ حد دخلين سميت دڪاندارن کان ڪراين جي وصولي نه ملڻ بابت اوقاف ميئنجر کان پڇاڻو ڪيو ۽ ميئنيجر جي آفيس ۾ دڪاندارن سان گڏجاڻي ڪئي جنهن ۾ دڪاندارن درگاھه تي سھولتن جي اڻھوند جون شڪايتون ڪيون ته عورتن جي مسافر خاني جي ڪمرن تي سيڪيورٽي اھلڪارن قبضو ڪري رھائش اختيار ڪئي آھي ۽ ٻئي ڪمري ۾ سي سي ٽي وي آپريٽر ويٺو آھي جيڪي عورتن جي وچ ۾ آھن باٿ رومن جي صفائي ناھي مسافر خانا زبون حالي جي ڪري ڪرڻ جو خدشو آھي جنهن جي ڪرڻ سان جاني نقصان ٿي سگھي ٿو ۽ ھتان جي ايمبولينس غائب آھي  اھڙي شڪايتن بعد چيف ايڊ منسٽيٽر اوقاف کين يقين ڏياريو ته درگاھ جا جائز مسئلا جلد حل ڪيا ويندا ان موقعي تي چيف ائڊمنسٽيٽر اوقاف فرخ شھزاد قريشي مڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته درگاھه تي لڳل سي سي ٽي وي ڪيئمرائون خراب آھن مسافرخانن باٿرومن جي حالت خراب آھي انھن جي ريپيئرنگ لاءِ اپاءِ وٺي جلد ٺھرائينداسين ۽ دڪاندارن ڏانهن کاتي جا لکين رپيا آھن، جن جي وصولي لاءِ سندن کي نوٽيس ڏبا ۽ مقام ۾ حد دخليون ڪيون ويون آھن، ان لاءِ ڊي سي دادو کي ڪارروائي لاءِ ليٽر لکبو ۽ مسافر خاني تي سيڪيورٽي اھلڪارن کان خالي ڪرائڻ لاءِ ايس ايس پي دادو کي چيو ويندو ۽ مسافرن جي سھولتن کي يقيني بڻايو ويندو.