نئون ڳوٺ (ن پ ا) درگاھ سعدي موساڻي تي آيل زائرين جي بيمار مريض ٻار کي ڀوپن جن ڪڍڻ بھاني 9 ورھين جي ماجد ملاح کي ڀوپي فقيرياڻي  تشدد ڪري گھٽا ڏئي مسافر خاني ۾ مارڻ وارو مامرو، ايس ايڇ او نئون ڳوٺ فرمان ابڙو ٻڌايو ته فريادي ڌر نينگر جي والد مامي ۽ ناني راڌڻ اسپتال ۾ ڊاڪٽر جي سامھون ٻار جو پوسٽ مارٽم نه ڪرائڻ ۽ جوابدارن خلاف وڌيڪ ڪارروائي نه ڪرڻ جو لکت ۾ بيان ڏيڻ بعد کين لاش سندن حوالي ڪري ڇڏيو آھي  جنهن بعد گرفتار فقيرياڻي  ۽ سندس ڀاءُ کي ڇڏي ڏنو آھي.