نئون ڳوٺ(ن پ ا) درگاھه سعدي موساڻي تان نامعلوم عورت سولنگي پاڙي مان 2 ٻارڙيون 9 ورھين جي سنڌو ڌي شاھنواز سولنگي ۽ 8 ورھين جي رضيا ڌي لطيف سولنگي کي پاڻ سان گڏ وٺي وئي، وارثن جي ڳولا باوجود ڪو به ڏس پتو نه مليو آهي. متاثر والدين ٻڌايو ته نامعلوم عورت جيڪا درگاھه سعدي موساڻي تي پنهنجي ٽن ٻارڙن سان مسافر خاني ۾ رھيل ھئي. اھا اسان جي ٻارڙن کي ورغلائي ميھڙ جي گاڏي ۾ ويھاري نامعلوم ھنڌ وٺي وئي آھي، جنهن جي رھائش ۽ ڳوٺ جي به خبر ناھي. اھا عورت ھڪ سال کان درگاھ تي پنھنجن ٻارڙن سان ايندي آھي 10 ڏينهن رھي واپس ويندي آھي. اھڙي رپورٽ ٿاڻي تي ڏني آھي ھنن وس وارن کان ڇوڪرين جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي. وارثن جي اپيل واري خبر ٽائيم نيوز تي ھلڻ بعد ٻئي ٻارڙيون ٿرڙي محبت ۾ لاوارث حالت ۾ شاھنواز سولنگي کي ھٿ اچي ويون. شاھنواز صحافين کي ٻڌايو ته اڻڄاتل عورت ٻارڙين کي ميھڙ روڊ تي ڇڏي وئي رستي ويندڙ ماڻھن نياڻين کي اڪيلو ڏسي ھنن کان معلومات ورتي جنهن بعد منهنجي حوالي ڪيو مون نئون ڳوٺ سندن وارثن کي اطلاع ڏنو آھي.