ڀٽ شاهه(ن پ ا) درگاھ ڀٽائي تي اوقاف کاتي جو مقرر مئنيجر تڪراري بڻجي ويو آهي درگاهه ڀٽائي تي نئون مقرر اوقاف مئنيجر پر امن ماحول کي خراب ڪرڻ چاهي ٿو ان کي فوري طور تي هٽايو وڃي پير آف ڀٽ شاھ سيد غلام رضا شاھ لطيفي احتجاج ڪندي مطالبو ڪري ڇڏيو آهي شاھ لطيف پريس ڪلب ڀٽ شاھ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته 1960 کان درگاھ ڀٽائي اوقاف وٽ آهي مگر هن وقت تائين ڪڏهن به مسئلا پيدا نه ٿيا آهن پر هن سال هڪ سازش تحت درگاهه تي عزاداري ۾ رنڊڪون پيدا ڪيون پيون وڃن درگاھ تي مجلس عزا ۽ ماتمي جلوسن دوران جنريٽر بند ڪري مزار تي چادر چاڙهڻ کان به روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي محرم الحرام دوران تڪراري شخص کي مئنيجر طور درگاھ تي مقرر ڪرڻ پر امن ماحول کي خراب ڪرڻ جي سازش آهي اوقاف مئنيجر کي درگاھ ڀٽائي جو ماحول خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين درگاھ ڀٽائي تي مقرر مئنيجر سيد مهتاب شاھ ڪڏهن به ڪنهن درگاھ تي مئنيجر نه رهيو آهي جنهن کي محرم الحرام ۾ درگاھ ڀٽائي تي مقرر ڪري تڪرار پيدا ڪيو پيو وڃي فوري طور ان کي هٽايو وڃي مهتاب شاھ عزاداري خلاف سازش پيو ڪري اهڙي تڪراري ماڻهو کي درگاھ تي برداشت نه ڪنداسين درگاھ جو ماحول هٿ سان خراب ڪيو ويو ته ذميوار اوقاف کاتو هوندو گذريل رات مزار تي ماتمي جلوسن کي چادر چاڙهڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪندي ڇٽي کولڻ کان انڪار ڪيو ويو اڄ درگاھ تي مجلس دوران مئنيجر اوقاف جنريٽر بند ڪرائي ڇڏي مومنن ۾ تمام گهڻي ڪاوڙ آهي اسين درگاھ جا وارث آهيون گذريل 64 سالن کان هلندڙ محرم الحرام جون رسمون بند ڪرائن جي سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين سنڌ حڪومت، اوقاف وزير ۽ سيڪريٽري اوقاف فوري طور تي نوٽيس وٺن ۽ اهڙي تڪراري شخص کي درگاهه تي هٽايو وڃي ٻي صورت ۾ ماتمي جلوسن سان گڏ درگاهه تي احتجاجي ڌرڻو هڻندا سين، ان موقعي تي سيد ياسر عباس شاہ لطيفي ۽ ٻيا به موجود هئا.