ڪنڊيارو(ن پ ا) ڪنڊيارو ڀرسان درٻيلو ۾ سيپڪو اي سي دادو کلئي ڪچهري ڪئي، جنهن دوران سيپڪو جي ستايل ماڻهن شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا، اي سي دادو پاران کلي ڪچهري ۾ ڪيترائي غلط بل درست ڪيا ويا، اي سي سيپڪو چيو ته دادو سرڪل اندر کليون ڪچهريون منعقد ڪري مسئلا حل ڪيا پيا وڃن، کلئي ڪچهري دوران 30 لک رڪوري ڪئي وئي آهي، هن چيو ته صارفين جي جيڪي به جائز مسئلا هوندا انهن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو.