دريا خان مري (ن پ ا) دريا خان مري جي اسپتال انتظاميه ۽ ٽائون عملي جي نااھلي سبب ڪتي جي ڏاڙھيل عورت فوت ٿي وئي، دريا خان مري جي وارڊ نمبر 2 سوچي محله واسڻ ڌاپوري زال ڌرمون سوچي ڏھرڪي جي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي، فوتي عورت ڌاپوري سوچي کي ھڪ مھينو اڳ ڪتي ڏاڙھي زخمي ڪيو ھو، ويڪسين نه ٿيڻ ڪري زھر جسم ۾ ڦھلجڻ سبب فوت ٿي وئي، عورت جي وارثن پاران اسپتال انتظاميه ۽ ٽائون انتظاميه خلاف احتجاج ڪيو، فوتي عورت جي واثن ٻڌايو ته ڌاپوري جي طبيعت خراب ٿيڻ بعد سکر اسپتال نيو ويو جتي ڳڻتي جوڳي حالت ھجڻ ڪري وڌيڪ علاج لاءِ ڏھرڪي اسپتال نيو ويو جتي عورت ڌاپوري سوچي فوت ٿي وئي، فوتي عورت جي وات مان جھڳ ۽ رت وھي رھيو ھو.