دريا خان مري(ن پ ا) دريا خان مري ڀرسان ڳوٺ مولوي گل محمد خاصخيلي وٽ دريا خان مري کان ڳوٺ ميرانپور ويندڙ موٽر سائيڪل سوار جو ٽرڪ کي ڪراس ڪندي سامھون ايندڙ گڏهه گاڏي سان ٽڪر ٿي پيو، ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار 55 سالن جو مختيار احمد عرف بالڻ پلهه زخمي ٿي پيو، زخمي کي ڳوٺاڻن دريا خان مري اسپتال پھچايو جتي زخمي کي فرسٽ ايڊ ڏئي گھر روانو ڪيو ويو.