دريا خان مري (ن پ ا) دريا خان مري ۾ معصوم شاگرد اغوا، شهرين پهچي کيس ڇڏائي ورتو، جوابدار فرار، خبر موجب نامعلوم ماڻھن وارڊ نمبر ھڪ جي ڳوٺ علي خان مري واسي اسڪول مان موٽندڙ 7 سالا شاگرد راضي خان مري کي رستي مان اغوا ڪري ورتو، شاگرد سان گڏ ايندڙ سندس ڀيڻ دانهون ڪيون جنهن تي آسپاس جي رهواسين اغوا ڪندڙن جو پيڇو ڪيو، جنهن بعد اغوا ڪار شاگرد کي ڇڏي فرار ٿي ويا.