دريا خان مري (ن پ ا) دريا خان مري ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ تيز طوفاني ھوا سبب مختلف ڳوٺن ۾ باهه لڳڻ سبب 25 /ڳوٺاڻن جا گهر سڙي رک ٿي ويا، ڳوٺ ڪوڙو خاصخيلي ۽ ڳوٺ قادر بخش خاصخيلي ۾ باهه لڳڻ ڪري 25 کان وڌيڪ گھر سڙي رک ٿي ويا، متاثرن ۾ ھارون لاشاري، حبيب لاشاري، فيض الله لاشاري، نصرالله، انتظار احمد، عزيز الله، الھڏنو، ڪالو خان، عبدالحميد، عبدالوھاب، غفار، فدا شامل آهن، جڏهن ته ڳوٺ ارباب لاشاري ۾ باهه لڳڻ سبب غلام سرور، عبدالحق، وھاب لاشاري ۽ ٻين جا گھر سڙي رک ٿي ويا، باھ وسائڻ دوران ڳوٺاڻو نذير لاشاري سڙي زخمي ٿي پيو، متاثرن موجب باهه سبب گھرن ۾ پيل اناج، نياڻين جو ڏاج، هنڌ بسترا ۽ ٻيو سامان سڙي ويو آهي، هنن ٻڌايو ته اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پھتو، جنهن ڪري سمورا گهر رک جو ڍير بڻجي ويا.
ڦل ڀرسان باهه لڳڻ سبب 6 ڳوٺاڻن جا گهر سڙي رک
ڦل (ن پ ا) گذريل رات دير سان طوفاني هوائون هلڻ دوران ڳوٺ الهرکيو مري ۾ گهرن کي باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڳوٺاڻن اقبال مري، محمد علي مري، گل خان مري، عبدالصمد مري، محمد موسيٰ مري ۽ راول مري جا گهر سڙي رک ٿي ويا، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته تيز هوا دوران گهرن کي باهه لڳي وئي، هنن ٻڌايو ته فائربرگيڊ گاڏي وارن کي فون ڪيو پر اهي نه آيا، جنهن سبب گهرن ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو، هنن سرڪار ۽ سرندي وارن کي سهائتا جي اپيل ڪئي.
|