دريا خان مري ( ن پ ا)دريا خان مري ڀرسان منگيا موري وٽ نامعلوم چاٻي چور ڏينھن ڏٺي جو عبدالمجيد ابڙو جي گھر ٻاھران بيٺل سي ڊي موٽر سائيڪل چوري ڪري آساني سان فرار ٿي ويا، واقعي خلاف ڳوٺاڻن مھراڻ ھاءِ وي تي ٽائرن کي باھيون ڏئي روڊ بند ڪري احتجاجي مظاھرو ڪيو آهي، روڊ بند ٿيڻ سبب سکر- نوابشاھ سميت ٻين شھرن ڏانھن ويندڙ مسافر گاڏيون بيھجي ويون ۽ مسافر سخت پريشان ٿي ويا، احتجاج ڪندڙن چيو ته موٽر سائيڪل چوري ٿي وئي آهي، ٿاڻي تي رپورٽ ڪرائڻ لاءِ ويا آھيون ته ايس ايڇ او ڌڪا ڏئي موٽائي ڇڏيو آھي، ھنن چيو ته بدامني سبب رات ڏينھن پريشان آھيون، احتجاج ڪندڙن ايس ايس پي نوشھروفيروز نوٽيس وٺي ايماندار ايس ايڇ او مقرر ڪري علائقي ۾ امن امان بحال ڪرايو وڃي، ٻئي پاسي ايس ايڇ او دريا خان مري علي نواز شاھاڻي احتجاج ڪندڙن سان ڳالھيون ڪري بند ٿيل روڊ کولرايو دريا خان مري ٿاڻي تي موٽر سائيڪل چوري جي ايف آءِ آر داخل ڪئي آهي، ٻئي روڊ بند ڪرڻ تان 28 ڄڻن تي مھراڻ ھاء تي ڌرڻو ھڻي روڊ بند ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، ڪيس ۾ 14 سڃاتل ۽ 14 اڻسڃاتل ماڻھن شامل آهن، ڪيس ۾ عبدالمجيد ابڙو، انور، غلام شبير، غلام سرور ، غلام نبي. شمن ۽ اياز ابڙو، عابد ابڙو، صالح، آصف، صدام، منٺار، مومن ۽ اشرف ابڙو شامل آھن.