دريا خان مري (ن پ ا) دريا خان مري ڀرسان منگيا موري وٽ تيز رفتار ڪار ڪتي کي بچائيندي دڪان سان ٽڪرائجي وئي، ريزڪي دڪان تي ويٺل 2 ڄڻا منگيا موري واسي عبدالغفار خاصخيلي ۽ عبدالطيف خاصخيلي زخمي ٿي پيا، زخمين کي فوري طور تي نواب شاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو. واضح رھي ته ڪار سوار نواب شاهه کان ڪرونڊي وڃي رھيا ھئا ته ڪتي کي بچائيندي ڪار دڪان سان ٽڪرائجي وئي.