دريا خان مري (ن پ ا)دريا خان مري ڀرسان ڳوٺ کنڊو مري ۾ 5 ڏينھن اڳ شادي ۾ خوشي سبب ھوائي فائرنگ دوران مٿي ۾ گولي لڳڻ ڪري  فوت ٿيل شعيب سومرو جو ڪيس دريا خان مري ٿاڻي تي سرڪار پاران اي ايس آءِ رياض خاصخيلي جي فرياد گھوٽ شعيب مري، سندس ڀاءُ اسماعيل مري ۽ سندن والد بھرام مري تي  داخل ڪيو ويو آھي، پوليس پاران ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آھي پوليس موبائل ۾ کنڊو مري ڀرسان گشت ڪري رھيا ھياسين ته فائرنگ جو آواز ٻڌڻ تي بھرام مري جي اوطاق تي پھتاسين ته شعيب مري، اسماعيل مري ۽ بھرام مري جي ھٿن ۾ پسٽل ھيا، اسماعيل مري جو فائر لڳڻ ڪري شادي ۾ آيل شعيب سومرو زخمي ٿيو، جنھن کي ليٽر ڏئي علاج لاءِ نواب شاھ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي علاج دوران شعيب سومرو فوت ٿيو جڏھن ته آخري اطلاعن تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگھي آھي.