درياھ جو سودو ۽ ڪجھ سوال

0
47
درياھ جو سودو ۽ ڪجھ سوال

ڇا وقت جي وير ڪئنال مخالف مزاحمت کي لوڙھي ويندي؟

اھو ھڪ اھم سوال آھي. سرڪار ۽ سندس حامي حلقن ۾ اھا سوچ ڪر ساھي رھي آھي ته “وقت گذرڻ سان سنڌ جا ماڻھو ڪئنال وارو اشو وساري ڇڏيندا”. جڏھن ته آزاد ذھن ۽ ضمير وارا انسان ان جي ابتڙ سوچين ٿا. انهن جي پڪي پختي راءِ آھي ته حڪومتي حلقن ۾ موجود اھو خوشفھميءَ وارو خيال برف جي ان ڪيوب وانگر پنهنجو وجود وڃائي رھيو آھي، جيڪو سونهري رنگ واري شربت ۾ ترندو نظر ايندو آھي.

دنيا ۾ سڀ کان برو دوکو اھو ھوندو آھي، جيڪو پنهنجو پاڻ کي ڏنو ويندو آھي. ھن وقت وفاق ۾ اڌوري ۽ سنڌ ۾ سموري سرڪار جي مالڪ ڌر پاڻ کي اھو دوکو ڏيڻ ۾ مصروف آھي ته ماضيءَ وانگر ڪئنال مخالف اشو به عوام کان ائين وسري ويندو، جيئن معصوم ٻارن کان صبح جو رات وارا خواب وسري ويندا آھن. اھا حقيقت آھي ته سنڌ جو عوام ڪجھ اشوز تي احتجاج ڪيو پر پوءِ اھو احتجاج مستقل رھي نه سگھيو. ان سلسلي ۾ عام طور تي ناظم جوکيو قتل ڪيس ۽ فاطمھ ڦرڙو جو الميو مثال طور پيش ڪيو ويندو آھي. جڏھن ته مٿين ٻنهي ڪيسن ۾ سنڌ جي عوام ڪو سمجھوتو نه ڪيو ھو. جيڪا به راڄوڻي ۽ خون بها وٺڻ واري ڪارروائي ٿي ھئي، اھا انهن مقتولن جي وارثن ڪئي. جڏھن ته سنڌو دريا پنهنجو وجود وڪڻڻ وارو سودو ڪنهن به صورت ۾ نه ڪندو.

ڇا سنڌ جو عوام پ پ مخالف قوتن پاران گمراھ ٿيو آھي؟

پيپلز پارٽي عام طور تي ۽ سنڌ سرڪار خاص طور تي ان نقطي مٿان مسلسل اصرار ڪري رھي آھي ته سنڌ جو عوام ھونءَ ته پيپلز پارٽيءَ سان ليلا مجنونءَ وارو پيار ڪري ٿو پر ان دل جي ناتي رشتي ۾ سنڌي عوام ھارايل قومپرست ۽ پ پ مخالف ھٿان ائين گمراھ ٿي ويو آھي، جيئن ننڍا ٻار مخالفن جي ھٿن ۾ اچي مٽن مائٽن سان الجھي ۽ اٽڪي پون، تيئن سنڌي ماڻھن کي به قومپرستن ۽ پ پ مخالفن سرڪار ۽ خاص طور تي پ پ ليڊرشپ خلاف مڇرايو آھي. ٻين لفظن ۾ انهن جو ڏوھ اھڙو آھي، جھڙو ڏوھ يونان جي ڏندڪٿائي ڪردار Promatheus ڪيو ھو. ھن سرد ھوائن سبب ڏڪندڙ انسانن کي باھ ٻارڻ جو ھنر سيکاري انهن کي ديوتائن جي غلاميءَ مان آجو ڪرايو ھو. ان ڪري زيوس ديوتا ھن کي اولپمس پھاڙن سان ٻڌي ڇڏيو ھو ۽ ھن مٿان بازن کي بڇيو ويو ھو ته ھو سندس جيرو پٽيندا رھن. پيپلز پارٽي خلاف جيڪي به سنڌي عوام کي سمجھھ، سرت ۽ شعور ڏين ٿا، انهن کي پيپلز پارٽي پنهنجو سياسي نه پر ذاتي دشمن سمجھي ٿي. ڇو ته سنڌي عوام ۾ شعور ۽ ان شعور سبب پنهنجي ديس جي حق ۾ اٿيل آواز پ پ کي پنهنجن بنيادن مٿان لڳندڙ ڌڪ محسوس ٿئي ٿو. پ پ کي شدت سان محسوس ٿي رھيو آھي ته سندس قيادت جيڪو سياسي ڪوڙ جو ڪوٽ اڏيو آھي، ھاڻي انهن جو سرون نڪري رھيون آھن ۽ اھو ڪنهن به مھل پٽ ٿي سگھي ٿو.

ڇا پ پ کي ووٽن وارو نيٽ ورڪ بچائي سگھي ٿو؟

نظرياتي سياست ڪرڻ ۽ اليڪشن وڙھڻ ٻه الڳ ڳالھيون آھن. جيڪڏھن انهن ٻنهي ۾ بنيادي فرق نه ھجي ھا ته ڪيترائي ذھين، لکيل پڙھيل ۽ باشعور اڳواڻ آدرشي سياست ڪندي اسيمبلين تائين پھچي وڃن ھا. اھوئي سبب آھي ته پيپلز پارٽيءَ کان جڏھن به ڪو اينڪر يا جرنلسٽ قومپرست يا ترقي پسند پارٽين جي حوالي سان سوال ڪندو آھي ته ھو موٽ ۾ ھر سطح تي اھو جواب ڏيندي آھي ته اھي عوام جا رد ڪيل ڪردار آھن. تازو ڪئنالن واري اشو تي قومي اسيمبليءَ ۾ اسپيڪر جي ڪرسيءَ تي ويٺل ھڪ ھمراھ ڪنئال مخالف سنڌي سياستدانن مٿان چٿر ڪندي چيو ته جنهن کي ڪو چانهن چڪي پيئارڻ لاءِ نه پڇندو آھي، اھي به سنڌو درياھ تي سياست ڪري رھيا آھن. ڇا ھن جي خيال ۾ سياست صرف انهن کي ڪرڻ گھرجي، جيڪي بوفي لنچ ۽ ڊنر ڪن؟ جيڪي ست رشيون کائين؟ جيڪڏھن ائين آھي ته پوءِ اياز اھو ڇو لکيو آھي:

“ھي جي ٻوڙ پلاون وارا

سياسي ڳالھيون ڪن ٿا

آزاديءَ جي نالي تي ڄڻ

ور ور گھور وڃن ٿا

وڏ وڏيرا ڳٽ ڳٽ ڳيرا

ھي جي بيان ڏين ٿا

ڪيرنڪسي به ناھن

انقلاب ٿا چاھن!

ھو جو ڀڳڙن مٺ تي گھاري

پنهنجي نفس کي ماري

پيٽ بکين لاءِ وڙھندا آھن

پيٽ ڀرين کان چڙندا آھن

سي ڪيڏانهن ويا آھن؟

ھي جي ڪاٺ پيا آھن

ڇا تن ۾ ڪو لينن آھي؟

ھن ڌرتيءَ جو لينن آھي؟“

سياست تي اصل حق ته غريب عوام ۽ انهن جي نمائندن جو آھي. پر پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ سياسي علم ۽ سياسي عمل ۾ دولت جي ديوار کڙي ڪري ڇڏي آھي.

ڇا پيپلز پارٽي عوامي جمھوري ۽ نظرياتي سياست ڪري ٿي؟

پيپلز پارٽيءَ جو جڏھن بنياد پيو ھو ۽ جڏھن آمر ايوب خلاف ذوالفقار علي ڀٽي ۽ سندس ساٿين ھڪ عوامي جمھوري ۽ ترقي پسند پارٽيءَ جو بنياد رکيو ھو، تڏھن ملڪ ۾ ڀوتار، سردار ۽ چوڌري توڙي خان ايوبي آمريت جا سياسي سھارا ھئا. ان وقت پيپلز پارٽيءَ جي قيادت ۽ خاص طور تي پارٽيءَ جي سينٽرل ڪميٽي انهن ماڻھن تي مشتمل ھئي، جيڪي نه صرف ڪتاب پڙھندا ھئا پر اھي ڪتاب لکندا به ھئا. ذوالفقار علي ڀٽو جڳ مشھور لائبريريءَ جو مالڪ ھو. ڊاڪٽر مبشر ۽ شيخ رشيد جھڙا دانشور وڏا پاڙھو ۽ تمام بهترين ليکڪ ھئا. جڏھن ته پيپلز پارٽيءَ ۾ جنهن مولوي ٽائيپ ماڻھوءَ کي کڻي آيا، ان ڪوثر نيازيءَ به “ديدھ ور” جھڙو ڪتاب لکيو. جڏھن ته بينظير ڀٽو ان لکڻ پڙھڻ جي روايت کي جاري رکڻ جي ڪوشش ڪندي رھي. جڏھن ته بينظير ڀٽو کان پوءِ پيپلز پارٽيءَ مڪمل طور تي اقتداري سياست ڪئي آھي. اقتداري سياست ڪرڻ ڪو عيب نه آھي پر علم جي مٿان تبرا ڪرڻ ۽ ڪتابن جي مطالعي کي مھڻو بڻائڻ وارو ماحول برپا ڪري موجوده پ پ قيادت سياست ۽ ڪتاب جو رشتو ختم ڪرڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي آھي. ان جو سبب کان سواءِ ٻيو ڇا ٿي سگھي ٿو ته ڪتابن ۾ گھڻي ڀاڱي اصول، قاعدا ۽ آدرش ھوندا آھن. جڏھن ته اقتداري سياست سمجھوتن جو سلسلو ھوندي آھي. پيپلز پارٽيءَ جو وڏو سمجھوتو سنڌو دريا جو سودو آھي.

ڇا پيپلز پارٽي عوامي جمھوري پارٽي آھي؟

پيپلز پارٽيءَ پنهنجي پيدائش ۾ ته ھڪ حد تائين عوامي جمھوري ۽ ترقي پسند پارٽي ھئي پر سياست جي سفر ۾ اھا عوامي جمھوري ترقي پسند پارٽي ٿي ھلڻ بدران ھڪ خانداني، شخصي آمريت ۽ اسٽيبلشمينٽ جي اشارن تي ھلندڙ پارٽي طور تي سڃاتي وڃي ٿي. اھا پارٽي جيڪا ڪڏھن پوري ملڪ جي عوام جي آدرشن جو آئينو ھئي، جنهن جي پڪار پوري پاڪستان مان ايندي ھئي. اھا پارٽي ھن وقت عملي طور تي ھڪ صوبي ۽ اختياراتي طور تي ھڪ خاندان جي ملڪيت بڻجي وئي آھي. جيڪڏھن پيپلز پارٽيءَ سنڌ ۾ ائين آھي، جيئن پنجاب ۾ مسلم ليگ ن آھي. مسلم ليگ ن جو نالو ئي اھا نشاندھي ڪري ٿو ته ھوءَ مڪمل طور تي ھڪ خاندان جي پارٽي آھي. ان جي خانداني حوالي سان ان وقت کان وڌيڪ ٻيو ڪھڙو خوار دليل ھوندو ته اھا پارٽي ٻن ڀائرن جي اولاد ۾ ڇڪتاڻ جو سبب بڻجي وئي آھي. حمزا شھباز ان کي پنهنجي خانداني وراثت ۾ شامل ڪري ٿو ۽ مريم نواز جي نظر ۾ اھا سندس والد جي پوليٽيڪل پراپرٽي آھي. پيپلز پارٽي جي موجوده قيادت جي نظر ۾ ڪامياب سياست خانداني پارٽيءَ جي حوالي سان ئي ممڪن آھي. ان ڪري ھن وقت پوري پارٽيءَ جون ميڊيائي مورتيون ھڪ خاص قسم جو خانداني البم آھي. اھڙي ماحول ۾ عوامي سياست بابت سوچڻ به اجايو نظر اچي ٿو.

ڇا سنڌ جو عوام پيپلز پارٽيءَ جي سرڪار سان صرف ڪئنالن تي اختلاف رکي ٿو؟

سنڌ جي سرڪار ۽ سندس نمڪ خوار ھڪ ٻئي سان من پسند احوال اوري اھا سوچ سورين ٿا ته سنڌ جا ماڻھو ھونءَ ته پيپلز پارٽيءَ جي سياست سان سئو سيڪڙو متفق آھن پر ھو صرف ڪئنالن جي معاملي تي ڀنڀلائجي ۽ ڀٽڪي ويا آھن. پ پ جي خوش فھم ماڻھن کي صرف محسوس نه ٿو ٿئي پر انهن کي پوري پڪ آھي ته تمام جلد سنڌ جي ماڻھن کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيندو ۽ ھڪ ان ماڳ تي موٽي ايندي، جتي بريانيءَ جي ٿيلھي انهن جو انتظار ڪندي ٿڌي ٿي وئي آھي. ھر فرد ۽ ھر ڌر وانگر پيپلز پارٽيءَ کي به پورو حق حاصل آھي ته ھوءَ سياست جي حوالي سان ڪجھ به سمجھي ۽ ڪجھ به سمجھي. پر حقيقت اھا ناھي ته سنڌ جي عوام جا 16 سالن کان وٺي سدا سائي سرڪار جي صاحبن سان صرف ڪئنال جي معاملن تي فاصلا پيدا ٿيا آھن. حقيقت اھا آھي ته سنڌي ماڻھن لاءِ پيپلز پارٽي ھڪ اھڙو سياسي ۽ انتظامي ڄار بڻجي وئي، جنهن مان پاڻ کي ڇڏائيندي به ان کي ڏيڍ ڏھاڪو سال لڳي ويا آھن. سنڌ جا ماڻھو پيپلز پارٽيءَ پاران قائم ڪيل ڪرپشن جي ڪلچر سبب تمام گھڻو تنگ آيل آھن. پيپلز پارٽيءَ جھڙي طرح رشوت کي جائز روايت جي حيثيت ڏئي ڇڏي آھي ۽ جھڙي ريت اقرباپروريءَ جو سمورو سسٽم جوڙي ڇڏيو آھي. پيپلز پارٽيءَ جھڙي طرح ماڻھن کي معمولي مراعتن عيوض پنهنجي وطن ۽ پنهنجن وسيلن تان بي دخل ڪري ڇڏيو آھي. پيپلز پارٽيءَ جيئن سياسي شعور جو ڏيوالو ڪڍي سياست جي بازار جو دڪان بڻائي ڇڏيو آھي. پيپلز پارٽيءَ پنهنجي اقتداري سوديبازين سان ھڪ اھڙو گروھ پيدا ڪري ورتو آھي، جيڪو ھيڻن کي ھيسائي ٿو ۽ ڏاڍن کان ڏڪي ٿو. پيپلز پارٽيءَ جھڙي ريت سنڌ کي پنهنجي ذاتي جاگير سمجھي ڀيليو آھي. جھڙي ريت ماڻھو بک ڏک ۽ پيڙا جون مورتيون بڻجي ويا آھن. ان ماحول ۾ ڪئنالن اشو اھا آخري ڪاٺي بڻجي ويو آھي، جيڪا اٺ جي پٺ کي جھوري جھڪائي ڇڏيندي آھي. سنڌي ماڻھن کي ھٿراڌو ٻوڏن کان وٺي ھٿرادو بدامنين تائين سوين مسئلا وڪوڙي ويا ھئا. ڪئنالن واري اشوءَ سنڌي عوام جي سياسي نجات جو رستو نروار ڪيو آھي.