سنڌ جي اسيمبلي، ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر جي راءِ، سنڌ جي وڏي وزير جو وفاق ڏانهن خط، اسان جي سنڌو درياهه تي تاريخي حقِ حاڪميت، اسان جو ورثو، اسان جي تهذيب، اسان جي شاعري، سِنڌو سنڌين جي شهه رڳ سڀ حوالا، ڳالهيون جهڙن بنا ڪَنن وارن حاڪمن اڳيان هجن. چولستان جون غير آباد زمينون آباد ڪرڻ لاءِ ڪينال ڪڍي سائي پاڪستان ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي پراجيڪٽس ذريعي سنڌ جون آباد زمينون غير آباد ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن. آئيني فورم، گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ سنڌ جا اعتراض اُتي ئي پيا آهن ته سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي (CDWP) پاران تڪراري چولستان فيڊر واهه جي منظوري ڏني وئي آهي.
گِرين پاڪستان اِنيشيٽِو پلان تحت جيڪي ٻيا پاڻيءَ جا منصوبا ۽ ڪينال منصوبا بنديءَ جو حصو آهن، اُنهن ۾ گريٽر ٿل ڪينال، ڪڇي ڪينال، ريني ڪينال، ٿر ڪينال ۽ چشما رائٽ بينڪ ڪينال شامل آهن. سنڌ جي اعتراضن ۽ احتجاجن باوجود چولستان واهه ٺاهڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. جيڪو سليمانڪي کان فورٽ عباس تائين 176 ڪلوميٽرس جي فاصلي تي تعمير ڪيو ويندو، هِي واهه چار هزار 120 ڪيوسڪ پاڻي گُذارڻ جي صلاحيت رکندڙ آهي.
چولستان جي غير آباد زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ اربين رُپيا خرچ ڪيا پيا وڃن، جنهن جاءِ تي زمينون آباد ڪيون وينديون، اُتان ڪُجهه اهم قسم جي لڏ پلاڻ ۽ منتقليءَ جي رٿابندي به آهي، جنهن لاءِ پڻ اربين رُپيا خرچ ٿيڻا آهن. ترقي ۽ خُوشحاليءَ جي نالي تي هِي ڪهڙا منصوبا آهن، جيڪي سنڌو درياهه کي سُڪائي، آباد زمينون غير آباد ڪري اڏيا پيا وڃن. هڪڙي مخصوص علائقي ۽ مخصوص سرڪاري ملازمن جي خوشحاليءَ لاءِ جيڪي مڇي مانيءَ وارا آهن، اُنهن کي ماني ڳڀي ۽ پاڻي لپ کان محروم ڪرڻ واري ترقيءَ جو هِي ماڊل ملڪ جي حڪمرانن آخر هٿ ڪٿان ڪيو آهي؟
سنڌ جا ماڻهو سنڌوءَ جي تحفظ لاءِ سراپا احتجاج آهن. سنڌ اسيمبليءَ مان آواز اچي ٿو، وڏو وزير بار بار چوي پيو ته، مون گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) ۾ سنڌ جا اعتراض لکي موڪليا آهن، ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي اعتراض واريا آهن، سمورن آئيني فورمن تي سنڌ اهڙن ڪينالن جي مخالفت ڪئي آهي ته پوءِ ملڪ جو منصوبا بندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال ڪينال جي اڏاوٽ جو معاملو ڪيئن ايڪنيڪ (نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل) کڻي ويو آهي؟ آئين ۽ قانون جي نالي تي سنڌ سان هِي ڏاڍ ڪيو پيو وڃي. سنڌ جي ماڻهن جي آواز کي حُڪمران آخر ڇو نٿا ٻُڌن؟
پاڪستان پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت جي اتحادي آهي. اها سنڌو درياهه جي معاملي تي پنهنجو واضح ۽ چِٽو موقف ڇو نٿي اختيار ڪري؟ سنڌ جي ماڻهن قومپرست جماعتن جي سڏ تي جاري مارچ دوران بدين ۾ ڪينالن خلاف پنهنجو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ ان جي قيادت وقتائتو احتجاج ڪيو آهي. قومي عوامي تحريڪ، عوامي تحريڪ مسلسل سنڌ جو پاڻيءَ جو ڪيس وڙهندي ۽ عوام کي سمجهائيندي اچي. سنڌ ۾ پاڻيءَ جي معاملي تي سنڌ جا ماڻهو انتهائي حساس آهن، سنڌ جو مرڻ جيئڻ سنڌو درياهه جي پاڻيءَ تي آهي. حُڪمرانن کي اک کولڻ گُهرجي، پاڪستان پيپلز پارٽي درياهه بچائڻ لاءِ اڳتي اچي. انهيءَ جو ماضيءَ ۾ اينٽي گريٽر ٿل ڪينال اتحاد ۾ اهم ڪردار رهيو آهي. ڪالا باغ ڊيم خلاف سنڌ ۾ جيڪا جدوجهد رهي آهي، انهيءَ جو عوامي تحريڪ سان ٻانهن ٻيليءَ وارو ڪردار رهيو آهي. قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو سنڌ سُڪائڻ واري هن رٿا خلاف هر فورم تي ڳالهايو آهي، عوام کي باخبر ڪيو آهي. سنڌ ترقي پسند پارٽي ۽ ڊاڪٽر قادر مگسي پاڻ ملھايو آھي. وڏي ڳالھ ته ھن وقت مسلم ليگ فنڪشنل جو صدرالدين شاھ ۽ بدين جي مرزا فيملي به ميدان ۾ آھي.
ملڪ جي صدارت پيپلز پارٽيءَ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداريءَ وٽ آهي. ارسا قانون ۾ جيڪي ترميمون ٿيون آهن، 1991ع واري پاڻي ٺاهه ۾ جيڪي تبديليون ٿي رهيون آهن. ارسا قانون ۾ جيڪا تبديلي ٿي آهي، انهيءَ جي منظوريءَ لاءِ آصف علي زرادري دستخط ڪئي آهي. هاڻي پيپلز پارٽي پنهنجو موقف واضح ڪري ته سنڌو درياهه جي وارثن سان بيٺل آهي يا وري درياهه تي ڌاڙو هڻڻ لاءِ رٿائون جوڙيندڙن جي ساٿاري آهي؟ چولستان جي غير آباد زمينن لاءِ فڪرمند وڃي ڏسي اچن ته بدين، ٺٽي ۽ سجاول جا ماڻهو پاڻيءَ جي کوٽ جي ڪري ڪيئن ٿا زندگي گُذارين. ڪوٽڙيءَ کان هيٺ درياهه ۾ ڪيترو پاڻي هجي ٿو، ڪيترا ڏينهن هجي ٿو، اهي انگ اکر ملڪ جي پاڻي ماهرن درياهه ۽ سنڌ دُشمن ڌُرين اڳيان ورائي ورائي پئي رکيا آهن پر حقيقتون مڃڻ لاءِ ملڪ جا آقا تيار ئي نٿا ٿين.
حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته، انڊس رِور سسٽم اٿارٽي (ارسا) پاڻيءَ جي موجودگيءَ جو سرٽيفڪيٽ به جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ اٽڪل اها ڪئي وئي آهي ته، خريف جي مند يعني اپريل کان سيپٽمبر مدي جو حوالو ڏنو ويو آهي ته، انهيءَ دوران پاڻي موجود هوندو، جنهن مان ڪينال ۾ پاڻي کنيو ويندو. سنڌو درياهه تي ڌاڙي جي قانوني اٽڪلن، حوالن ۽ اقتداري طاقت جي زور تي تياري مڪمل لڳي رهي آهي. سنڌ جا ماڻهو ان ڌاڙي خلاف سُجاڳ آهن. سنڌ جي قومپرست جماعتن جو درياهه بچائڻ واري جدوجهد ۾ هاڪاري ڪردار آهي. عوامي تحريڪ جس لهڻي، جنهن جي پاڻيءَ جي مسئلي تي ھڪ وڏي مسلسل، اڻٿڪ، تاريخي جدوجھد ڪنھن کان ڳُجھي ناھي. رسول بخش پليجو جو ھميشه چِٽو ۽ دور انديش موقف رھيو آھي. عوامي تحريڪ پنھنجي محدود وسيلن ھوندي ماڻهن کي نه صرف شعور ڏنو آهي بلڪه، آگاهي مهمون هلايون آهن. ھر جاءِ سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙي خلاف پنھنجو پرزور احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي.
پيپلز پارٽي درياهه خلاف ٿيندڙ سازشن جو حصو ٿيندي نظر پئي اچي، انهيءَ خلاف سنڌ ۾ وڏو محاذ کڙو ٿي ويندو. سنڌ جي ماڻهن لاءِ درياهه شهه رڳ وانگر آهي. هِي ڪوئي چار ووٽن جي ڳالهه ناهي، پنجن سالن جي اقتدار جي ڳالهه ناهي پر سنڌ جي وجود جي ڳالهه آهي. جيڪي سمجهن ٿا هِي صرف زمين جي آباد ۽ غير آباد ٿيڻ جي ڳالهه آهي، اهي سمجهي وٺن ته هِي زمين جو نه پر سنڌ جي ضمير جو سوال آهي. سنڌ جو لاڙ پٽ اچي اُهي ڌُريون ڏسن، اسان جا درياهه متعلق گيت ٻُڌن ته کين اندازو ٿئي ته اسين درياهه سان ۽ درياهه اسان سان ڪيئن رڳ رڳ ۾ سمايل آهي.