ڪوٽڙي بئراج جي سالياني ڪلوزر جي ڪم دوران حڪومت ڪراچي واهه جو ڪم شروع ڪرايو، جنھن سان ڄامشوري ۾ پيئڻ ۽ استعمال جو پاڻي اڻلڀ ٿي ويو، ڪراچي واهه جو ڪم شروع ٿيو ته ان جي اصل ماپ کي گھٽايو ويو، جيڪو ٻڌو ھو ته اصل ماپ مان ڪراچي واهه جي ويڪر کي وڌايو ويندو، پر ھاڻ جڏھن ڪجھه ٽائيم پھرين ڪراچي واهه تان گذر ٿيو ته ڏٺم ان جي ويڪر کي وڌائڻ بجاءِ گھٽايو ويو آھي، جنھن تي شهري ڪئنال خلاف ته احتجاج ڪري رھيا آھن، پر تنھن باوجود ڪراچي واهه جي ويڪر کي گھٽايو ويو آھي، ان تي ڪنھن به قسم جو ڌيان ناھي ڏنو ويو، ٻيو اھو ته سنڌو درياهه جو ڊائون اسٽريم 8 مھينا لاڳيتو بند ھوندو آھي، ته سوال اھو ٿو پيد اٿئي ته حيدرآباد، ڪوٽڙي ۽ ٻين علائقن ۾ پاڻي جي فراھمي ڪٿان ٿئي پئي، ڪوٽڙي پُل ويجھو بلديا جو نڪتل پوري قاسم آباد جو گٽر نالو سڌو سنڌو ۾ ڪيترن ئي سالن کان ڇوڙ ڪيو ٿو وڃي، ان مسئلي تي اتان جي ھڪ ملاح بزرگ سان ڪچھري ٿي ان ٻڌايو ته ڪو وقت اھڙو ھيو ته سنڌو موجن سان وھندو ھو، ھاڻ اھڙو وقت اچي ويو آھي ته برسات يا ٻوڏ جي صورتحال ۾ سنڌو وھندو نظر اچي ٿو، ان وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌو ۾ گٽر جو زھريلو پاڻي ڇوڙ ٿيڻ سبب سنڌو ۾ آبي جيوت، مڇي جو نسل تباهه ٿي رھيو آھي، ان سان گڏ سنڌو ۾ ڪيترا ئي گٽر نالا ڇوڙ ڪيا وڃن ٿا، جنھن سان نه صرف انساني زندگي تي مختلف بيمارين ڪر کنيو آهي،جنهن ۾ پيٽ جو سور، گيسٽرو، نمونيا ۽ ٻين ڪيترين ئي بيمارين جنم وٺي ڇڏيو آھي، ان سان گڏ مختلف مڇين جو نسل به تباهه ٿي رھيو آھي

سنڌ ھونئن به ڪيترن ئي مسئلن جي ور چڙھيل آھي، پر ڏسجي ته دوست ميڊيا ذريعي ھاءِلائيٽ ٿيل شين تي نڪرن ٿا يا نه، ان کانپوءِ وري ان جي منطقي انجام تائين نٿا پھچائين،اھڙي ريت سنڌو مٿان ڪئنال ته ٺھندا جنھن سان سنڌ جو جياپو ختم ٿي ويندو پر ان سان گڏ سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي وفاق جو قبضو آھي، ايندڙ وقت لاءِ وري لکين ايڪڙ زمين به ڏني وئي آھي، سنڌو ھجي يا پوءِ ٻيا مسئلا حڪومت سدائين سنڌ کي نقصان ڏنو آھي، جڏھن ته سنڌ پوري ملڪ کي ھلائي ٿي قربانيون ڏئي ٿي، جڏھن سنڌ کي ختم ڪيو ويندو ته ملڪ کي 75 سيڪڙو ملندڙ بجيٽ ۾ حصو ڪٿان آندو ويندو، جڏھن ته اڳ ئي ملڪ آءِ ايم ايف جو قرضي آھي، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ پھريان کان ئي وڌي وئي آهي، وري سنڌ جي وڏي شھر ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ ڪيترن ئي سالن کان جاري آھي، جنھن جي لاءِ چار ڏھاڪن کان ھلندڙ بيانن ذريعي ته پاڻي جون نديون وھائي ڇڏيون آھن، باقي عملي ڪم تي نظر وجھنداسين ته سموري سنڌ ڏسڻ ۾ واضع طور اچي ويندي، سنڌ جو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ اڄ تائين ڪو سنڌ جو وڪيل ناھي کڻي ويو ان جو سبب سمجهه کان ٻاھر آھي، ڪورٽن مان انصاف ملڻ لاءِ سال لڳي ويندا آھن، شايد اھا ئي وجهه آھي ته ڪيس ڪرڻ جي بجاءِ احتجاج ۽ ڌرڻا ھنيا وڃن، ڇو نه پوءِ اڳ ئي تڪليفن ۾ جڪڙيل عوام کي ٻيون تڪليفون ڏنيو وڃن، ميڊيا ڪوريج به ڏني وڃي ٿي، ڪجهه ٽائيم گذرڻ بعد عوام ۽ ميڊيا کي اھي مسئلا وسري وڃن ٿا، جيئن ته شھيد صحافي جان محمد مھر، شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي، ٻارڙي فاطمه ڦرڙو ۽ ٻيا ڪيترا ئي  ڪيس  ھلندڙ آھن پر منطقي انجام تائين ناھي پھچي سگھيا،  آخر ڇو سنڌ جا مسئلا ۽ ڪيس منطقي انجام تائين نٿا پھچي سگھن؟