درياهن جي خشڪ ٿيڻ جا سبب ۽ اثر

0
39
درياهن جي خشڪ ٿيڻ جا سبب ۽ اثر

پاڻي جي ضرورت سڀني جاندارن کي آهي، اها خبر ته سڀني کي آهي پر ان جو ضروري ۽ مناسب استعمال ڪيئن ڪجي، اها خبر تمام ٿورڙن ماڻهن کي هوندي آهي. انڪري انساني تاريخ ۾ پاڻي جي گهٽتائي ۽ خاتمي جو سبب جتي ٻيا محرڪ رهيا آهن، اتي انساني اڻڄاڻائي، پاڻيءَ جو اجايو استعمال، خود غرضي ۽ غلط پاليسين جو به وڏو عمل دخل رهيو آهي. دريا ۽ نديون ڪيئن خشڪ ٿي وڃن ٿيون، اچو ته ان بابت ڪجھ  ويچار ڪريون. هن عمل ۾ موسمي تبديليون، انساني سرگرميون ۽ قدرتي عمل شامل آهن. هيٺ انهن سببن ۽ نتيجن تي تفصيل سان روشني وجهجي ٿي.

درياهن جي خشڪ ٿيڻ جا مکيه سبب

* موسمي تبديليون  (Climate Change)

ڌرتيءَ جو گرمي پد وڌڻ سبب برساتن ۾ گهٽتائي اچي ٿي، جيڪا درياهن کي وھائيندڙ ننڍين ندين ۽ برفاني ذخيري تي اثرانداز ٿئي ٿي. وڌندڙ گرمي سبب پاڻي جي ٻاڦ بنجڻ جي شرح وڌي وڃي ٿي، جنهن سان پاڻي جا ذخيرا تيزيءَ سان خشڪ ٿين ٿا. ان کان علاوه ڊگها ڏڪار پڻ زير زمين پاڻي کي گهٽائي ٿا ڇڏين. موسمياتي تبديلين ۽ آبهوا جي تبديلي سبب ڪيترائي ملڪ پاڻي جي شديد کوٽ جو شڪار ٿي رهيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ زرخيز زمينون ريگستان ۾ تبديل ٿي رهيون آهن. انهن جا ڪجهه اهم مثال هن ريت آهن:

اهي ملڪ جتي زرخيز زمين ريگستان بڻجي وئي آهي:

* چين جو گوبي ريگستان هر سال هزارين هيڪٽر زمين ڍڪي رهيو آهي.

* ڀارت ۾ راجسٿان جو ريگستان وڌي رهيو آهي، خاص طور تي گجرات ۽ پنجاب ۾ زرعي زمينون متاثر ٿي رهيون آهن.

* آمريڪا ۾ ڪيليفورنيا ۽ ايئريزونا ۾ پاڻي جي کوٽ سبب زرعي زمين غير آباد ٿي رهي آهي.

* ايران ۾ پاڻيءَ جي گھٽتائي سبب قديم زرخيز زمينون ريگستان ۾ تبديل ٿي رهيون آهن.

* آفريقي ملڪن نائجيريا، مالي، سوڊان، چاڊ ۾ صحارا ريگستان مسلسل ڏکڻ طرف وڌي رهيو آهي.

ايندڙ وقت ۾ ڏڪار ۽ پاڻي جي کوٽ جي شديد بحران جا امڪان:

* مصر ۾ نيل درياءَ تي وڌندڙ دٻاءُ ۽ گرمي سبب پاڻي جي کوٽ وڌي سگهي ٿي.

* ايران ۽ افغانستان ۾ زيرزميني پاڻي گهٽجڻ ۽ گليشئرز جي ڳرڻ سبب پاڻي جي کوٽ شديد ٿي سگهي ٿي.

* ڀارت ۽ پاڪستان ۾ گنگا، سنڌو، ۽ ٻين دريائن تي دارومدار هجڻ ڪري موسمي تبديلين جو وڏو اثر پئجي سگهي ٿو.

* آمريڪا (ويسٽ ڪوئسٽ) ۾ ڪيليفورنيا، نيواڊا ۽ ايئريزونا ۾ پاڻي جي بحران جا امڪان وڌي رهيا آهن.

* آسٽريليا ۾ ڊگھي سوڪهڙي سبب زرعي زمين غير آباد ٿي سگهي ٿي.

ڊيم ۽ پاڻيءَ جو رخ موڙڻ

وڏي پيماني تي ڊيم ٺاهي آبپاشي لاءِ پاڻي استعمال ڪرڻ ۽ درياهن جو رخ موڙڻ سبب ڪيترائي درياهه خشڪ ٿي ختم ٿي وڃن ٿا. مثال طور: آرال سمنڊ (Aral Sea) وچ ايشيا ۾ واقع هو، جيڪو قزاقستان ۽ ازبڪستان جي سرحد تي پکڙيل هو. ان ڀرسانMuynak ازبڪستان ۾ هڪ بندرگاهي شهر هو، جيڪو هاڻي سمنڊ کان ڪافي پري ٿي ويو آهي، جيئن پاڻ وٽ ڪيٽي بندر جو مثال آهي. 1960ع کان وٺي، دريائن (آمو دريا ۽ سير دريا) مان پاڻي وٺڻ سبب آرال سمنڊ خشڪ ٿي هاڻي اهو تقريباً ختم ٿي چڪو آهي ۽ رڻپٽ ۾ تبديل ٿي ويو آهي.

زير زمين پاڻي جي گهٽتائي

زير زمين پاڻي (Groundwater) جي کوٽ هڪ عالمي مسئلو آهي. خاص طور تي زرعي، شهري ۽ صنعتي علائقن ۾ هيٺيان سبب هن بحران کي وڌائي رهيا آهن:

* جر مان وڌيڪ پاڻي ڪڍڻ (Over-extraction)

زرعي شعبو تمام گهڻو زير زمين پاڻي استعمال ڪري ٿو، خاص طور تي ٽيوب ويلز ۽ نيم ڪارائتن آبپاشي طريقن ذريعي ۽ ان کان علاوه شهرن ۾ وڌندڙ آبادي جي ڪري پاڻي جو وڌيڪ استعمال ٿئي ٿو، تنهنڪري زير زمين پاڻي ۾ گهٽتائي اچي ٿي.

ٻيلن ۽ وڻن جي واڍي

وڻ زمين کي مضبوط رکندا آهن ۽ پاڻيءَ جي وهڪري کي ترتيب ڏيندا آهن. جڏهن وڻ وڍيا وڃن ٿا ته پاڻيءَ جي سطح متاثر ٿئي ٿي، جنهن سان درياهن جو وهڪرو گهٽجي سگهي ٿو. سنڌ ۾ ٻيلن جو تيزيءَ سان خاتمو هڪ وڏو ماحولياتي مسئلو آهي، جيڪو قدرتي وسيلن جي تباھي زراعت ۽ موسمي تبديلي تي وڏو اثر وجهي ٿو. ماضيءَ ۾ سنڌ وڻن ۽ ٻيلن سان مالا مال هئي، خاص طور تي انڊس ڊيلٽا، ڪچي جا علائقا ۽ روهڙي، ٺٽو ۽ سکر جي ڀرپاسي ۾ وڏا ٻيلا هئا پر گذريل ڪجهه ڏهاڪن ۾ انهن علائقن جي ٻيلن ۾ خطرناڪ حد تائين گهٽتائي آئي آهي.

ٻيلن جي خاتمي جا مکيه سبب

  1. انساني مداخلت ۽ زمين تي قبضا

غير قانوني قبضا گروپ، زميندار، ۽ بااثر ماڻهو ٻيلن جي زمين تي قبضو ڪري ان کي زرعي يا رهائشي مقصدن لاءِ استعمال ڪن ٿا. ڪچي جا ٻيلا (انڊس ڊيلٽا وارا جهنگ)، خاص طور تي ڪراچي، ٺٽو، ۽ بدين جي علائقن ۾، وڏي تعداد ۾ ختم ڪيا ويا.

  1. ڪاٺ جو واپار ۽ غير قانوني ڪٽائي

وڻن جي ڪاٺ کي واپار لاءِ وڍيو وڃي ٿو، جنهن ۾ مقامي ماڻهو، واپاري ۽ سرڪاري عملدار ملوث هوندا آهن.

  1. شهري آبادڪاري ۽ صنعتي منصوبا

ڪراچي، حيدرآباد، ۽ ٻين شهرن جي واڌ سبب وڏي تعداد ۾ وڻ وڍيا ويا. ٿرپارڪر ۽ بدين جي چوڌاري وڻ ڪٽي نئين آبادڪاري ڪئي وئي.

  1. سرڪاري نااهلي ۽ لاپرواهي

ٻيلن جي تحفظ لاءِ ڪافي قانون موجود آهن پر انهن تي صحيح نموني عمل ناهي ٿيندو. ٻيلي کاتي (Forest Department) جي نااهلي ۽ ڪرپشن سبب غيرقانوني واڍي رڪجي نه سگهي. سنڌ ۾ ٻٻر، نم، پپل، ٻير ۽ تمر جهڙا وڻ وڏي تعداد ۾ وڍيا ويا. ٺٽي ۽ بدين جي ساحلي علائقن ۾ خاص طور تي تمر جا ٻيلا (Mangrove Forests)، جيڪي سامونڊي علائقن ۾ هئا، انهن کي شديد نقصان پهتو.

ماڻهن جو غير ذميواراڻو رويو ۽ آلودگي

صنعتي گدلاڻ جو ندين ۽ درياهن ۾ ڇوڙ، ڪيميائي ڀاڻ ۽ گندي پاڻيءَ جي نيڪال سبب درياهه آلودگيءَ جو شڪار ٿين ٿا ۽ پاڻيءَ جا ذخيرا خراب ٿيڻ سبب قدرتي وهڪرو ختم ٿي ويندو آهي. ماڻهو حد کان وڌيڪ ۽ غير ضروري پاڻي جو استعمال ڪري ان قيمتي اثاثي کي ضايع ڪن ٿا..!

قديم دور کان ختم ٿيندڙ درياهن جو جائزو

  1. سرسوتي درياهه: مهين جو دڙو ۽ هڙپا جهڙا قديم شهر هڪ اهڙي درياهه جي ڪنارن تي وسيل هئا، جنهن کي سرسوتي درياهه چيو ويندو هو. هيءُ درياهه تقريبن 4000 سال اڳ خشڪ ٿي ويو، جنهن جو سبب زلزلا، زميني ۽ موسمي تبديليون ۽ برساتن ۾ گهٽتائي هو. سنڌو تهذيب جي زوال جو هڪ وڏو سبب درياهه جو سڪڻ به هو، جنهن سان زراعت ۽ پاڻيءَ جي فراهمي متاثر ٿي.
  2. آڪسس درياهه (Amu Darya)

هيءُ درياهه مرڪزي ايشيا جو اهم درياهه هو، جيڪو هاڻوڪي ترڪمانستان، ازبڪستان ۽ قزاقستان مان وهندو هو. سوويت يونين جي دور ۾ هن درياهه جو پاڻي زرعي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويو، جنهن سبب اهو سڪي ويو ۽ آرال سمنڊ به ختم ٿيڻ لڳو.

  1. زيارٽ درياهه (Yellow River, China)؛

چين جو هيءُ قديم درياهه وقت بوقت تباهه ڪندڙ ٻوڏن ۽ پاڻيءَ جي کوٽ جو شڪار ٿيندو رهيو آهي. جديد دور ۾ ان جو پاڻي زرعي ۽ صنعتي مقصدن لاءِ استعمال ٿيڻ سبب گهڻو گهٽجي ويو آهي.

  1. آمريڪا جو ڪولوراڊو درياهه

هيءُ درياهه اڳي گلف آف ڪيليفورنيا ۾ ڇوڙ ڪندو هو پر هاڻي ان جو وڏو حصو زرعي استعمال سبب ختم ٿي چڪو آهي.

پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ختم ٿيندڙ يا سڪي ويندڙ درياهه

راوي درياهه: واٽر مئنيجمينٽ ۽ ڊيم سبب لاهور ويجهو راوي درياهه تقريبن ختم ٿي چڪو آهي.

ستلج درياهه: ڀارت پاران پاڻيءَ جو رخ موڙڻ سبب ستلج ۾ پاڻيءَ جو مقدار گهٽجي ويو آهي.

گهاگهر/هاڪڙو درياهه: هيءُ درياهه جيڪو سرسوتي درياهه سان لاڳاپيل هو، سو به آهستي آهستي ختم ٿي ويو. درياهن جي خشڪ ٿيڻ جو وڏي ۾ وڏو سبب انساني مداخلت ۽ موسمي تبديليون آهن.

ڇا سنڌو درياهه جو سئو سال اڳوڻو وهڪرو بحال ٿي سگهي ٿو؟

100 سال اڳ وارو سنڌو درياه مڪمل طور تي بحال نه ٿو ٿي سگهي، ڇو ته انساني هٿ چراند، قدرتي تبديليون ۽ ڊيمن هن درياهه جو فطري وهڪرو تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ان لاءِ يا ته درياه تي ٺاهيل سمورا ڊيم ۽ بئراجن کي ختم ڪري دريا جو قدرتي وهڪرو بحال ڪجي. جيڪڏهن اهو ممڪن ناهي ته پوءِ سائنسي طريقا، نئين ٽيڪنالاجي، نيون پاليسيون ۽ پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ تي عمل ڪيو وڃي ته سنڌو درياهه جي وهڪري کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو ۽ انڊس ڊيلٽا کي ٻيهر زنده ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن سنڌو درياهه جي وهڪري کي بهتر نه ڪيو ويو، پاڻيءَ جي ورڇ تي ڌيان نه ڏنو ويو ۽ ماحولياتي تبديليون جاري رهيون ته سنڌ کي مهين جي دڙي وانگر ختم ٿيڻ جو حقيقي خطرو ٿي سگهي ٿو. مهين جو دڙو جيڪو 5000 سال اڳ سنڌو تهذيب جو عظيم شهر هو، سو پاڻيءَ جي کوٽ، ماحولياتي تبديلي ۽ درياهه جي وهڪري بدلجڻ سبب ختم ٿيو. تحقيق موجب سنڌو درياه جو وهڪرو بدلجي ويو، جنهن سبب زراعت ختم ٿي وئي، ماڻهو لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿيا ۽ آخرڪار اهو شهر غيرآباد ٿي ويو.

اڄ جي سنڌ کي به ساڳيا خطرا سامهون آهن، خاص طور تي سنڌو درياهه جي وهڪري جو گهٽجڻ، سمنڊ ۾ چاڙهه اچڻ، جنهن سان ٺٽي ۽ بدين ضلعي جي لکين ايڪڙ زمين ختم ٿي چڪي آهي ۽ رهيل زمين جي تباهي جو خطرو آهي، جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن ۽ ٻين جي ڪرڻ جو امڪان آهي. جيڪڏھن پاڻي جو بحران حل نه ڪيو ويو ته سنڌ جي معيشت ختم ٿي ويندي. ڪراچي حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ گرمي پد وڌڻ سبب ماڻهن لاءِ اتي رهڻ مسئلو ٿي ويندو. خوراڪ ۽ پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿيندي. ٿرپارڪر ۽ ٻين علائقن ۾ ڏڪار وڌنڌو. ماڻهو وڏي انگ ۾ ٻين علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪندا. ڪيترائي علائقا مهين جو دڙو بڻجي سگهن ٿا ۽ سنڌ آهستي آهستي ريگستان بڻجي سگهي ٿي. پر جيڪڏهن ستت قدم کنيا ويا ته سنڌ کي مهين جو دڙو ٿيڻ کان بچائي سگهجي ٿو. ان لاءِ ضروري آهي ته،

* سنڌو درياهه لاءِ مناسب پاڻي ڇڏيو وڃي ته جيئن  پاڻي انڊس ڊيلٽا تائين پهچي سگهي.

* حڪومت کي وڻ پوکڻ لاءِ سخت قانون لاڳو ڪرڻا پوندا.

* ٻيلن جي غيرقانوني واڍي تي سختيءَ سان پابندي لڳائڻ گهرجي.

* ٻيلن جي زمين کي زرعي يا رهائشي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ گهرجن.

* سامونڊي علائقن ۾ ٻيهر تمر پوکڻ گهرجي، جيئن ڪجھ ادارن ڪراچي جي سامونڊي پٽيءَ ۾ وڻ پوکيا آهن.

* مقامي ماڻهن کي ٻيلن جي اهميت بابت آگاهه ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهي انهن جي حفاظت ڪن.

* جديد زرعي ٽيڪنالاجي جيئن ڊرپ اريگيشن (Drip Irrigation) سسٽم ۽ ٻين جديد طريقن ذريعي پاڻيءَ جو موثر استعمال ڪرڻ گهرجي ۽ گهٽ پاڻي پيئڻ وارا فصل پوکي بهتر اپت حاصل ڪجي. گهڻي پاڻي وارا فصل پوکڻ ترڪ ڪرڻ گهرجن.

* ٻين ملڪن جهڙوڪ چين ۽ هالينڊ پاڻي جي وهڪري کي بحال ڪرڻ لاءِ جيڪا ٽيڪنالاجي استعمال ڪري  رهيا آهن، انهن کي اپنائڻ ضروري آهي ته جيئن پاڻي جي بچت ڪري سگهجي.

* بارش جو پاڻي محفوظ ڪرڻ لاءِ رين واٽر هاروسٽنگ سسٽم لاڳو ڪرڻ گهرجي ته جيئن بارش جو پاڻي ضايع نه ٿئي. زيرزمين پاڻي جي ري چارجنگ لاءِ واٽر ري چارج ويلز ٺاهڻ گهرجن ته جيئن بورنگ ذريعي پاڻي جي سطح برقرار رهي. گهرن ۽ ڪارخانن ۾ استعمال ٿيندڙ پاڻي جي ريسائيڪلنگ ڪري ان کي زراعت لاءِ استعمال ڪرڻ گھرجي.

* بين الاقوامي پاڻي ورڇ تي ٻيهر ڳالهين جي ضرورت آهي، جيئن انڊس واٽر ٽريٽي تي نئين سر نظرثاني ڪرڻ، ڇاڪاڻ ته هي صرف پاڪستان جو نه بلڪه پوري برصغير سان گڏ عالمي مسئلو آهي.

* صنعتي گدلي پاڻي جي نيڪال کي ڪنٽرول ڪرڻ گهرجي ته جيئن درياهه جي پاڻي کي وڌيڪ آلودگي کان بچائي سگهجي.

جيڪڏهن سنڌ، ان جي آبادي، ٻولي ۽ ثقافت کي بچائڻو آهي ته پوءِ پاڻي، زراعت ۽ ماحوليات بابت سنجيدگي سان سڀني ڌرين کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي…!