ڪراچي (انٽرسٽنگ نيوز) ماهرن انڪشاف ڪيو آهي ته دريائي گھوڙا ڊوڙڻ سان گڏ هوا ۾ اڏامندا به آهن. ان ڏس ۾ پرڏيهي ميڊيا جي هڪ رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته دريائي گھوڙا عام طور تي پاڻي ۾ ترندي نظر ايندا  آهن پر اهي زمين تي گھمندي ڦرندي به ڏسبا آهن، پر اهي جڏهن زمين تي پوري رفتار سان ڊوڙندا آهن ته اهي هوا ۾ اڏامڻ لڳندا آهن. ماهرن موجب جڏهن دريائي گھوڙا پوري رفتار سان ڊوڙن ٿا ته پوءِ انهن جا پير زمين سان ٽڪرائجڻ بدران هوا ۾ حرڪت ڪرڻ لڳندا آهن. ان کي مڪمل اڏام ته نه ٿو چئي سگھجي پر ان سان اهو اشارو ملندو آهي ته دريائي گھوڙا ايٿليٽڪ صلاحيتن جا مالڪ هجن ٿا. ماهرن موجب دريائي گھوڙا پاڻي ۾ ترڻ جي صلاحيت نه رکندا آهن پر اهي پاڻي جي اندر هلندا آهن ۽ پاڻ کي مٿي ڌڪيندا رهن ٿا. ان جو سبب اهو آهي ته انهن جو وزن تمام گھڻو هوندو آهي،.

ڪري انهن جو جسم ترڻ لاءِ تمام ڳرو هجي ٿو. هڪ رسالي پِير جَي ۾ شايع ٿيل تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته دريائي گھوڙا جڏهن پوري رفتار سان ڊڪندا آهن ته 15 سيڪڙو وقت يعني 3 سيڪنڊن تائين انهن جا چارئي پير هوا ۾ بلند هجن ٿا. تحقيقي ٽيم ۾ شامل پروفيسر جان آر هوچيسن  جو چون آهي ته درائي گھوڙا پوري رفتار سان ڊوڙڻ وقت انهن جا پير زمين تي ناهن هوندا. هن چيو ته درائي گھوڙن سان گڏ ڪم ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي جو اهي گھڻو وقت پاڻي ۾ گذاريندا آهن پنهنجي ويجھو ماڻهن کي بلڪل به پسند ناهن ڪندا، هي هڪ خطرناڪ جاندار آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو سائنس ان جي باري ۾ تمام گھٽ ڄاڻندي آهي.