سکر (بيورو رپورٽ) دريائن جي تحفظ واري عالمي ڏهاڙي تي سکر ۾ سنڌو درياءَ کي گلن جي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي. 6 ڪئنالن واري منصوبي خلاف ڀرپور نموني آواز اُٿارڻ جو به اعلان ڪيو ويو، سکر هاءِ ڪورٽ بار، عوامي تحريڪ، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، سنڌ ترقي پسند پارٽي سميت ٻين قومپرست، سياسي، سماجي، مذهبي، واپاري توڙي سول سوسائٽي جي تنظيمن پاران ريليون ڪڍي سکر لب مهراڻ وٽ سنڌو درياءَ کي گلن جي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي، جڏهن ته 6 ڪئنال اڏڻ خلاف هڪ آواز ٿي احتجاج پڻ رڪارڊ ڪرايو ويندو.