لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد خان آفريدي سوات درياءَ ۾ ٻڏي فوت ٿيل ماڻهن لاءِ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته انهن کي بچائڻ جي ذميوارن جون ٻيون ترجيحون آهن. سوات درياءَ جي ٻوڏ جو پاڻي 17 سياحن کي وهائي ڪڍيو، جنهن ۾ 9 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته 4 کي بچايو ويو. اکين ڏٺن شاهدن موجب، صبح جو ناشتو ڪرڻ کان پوءِ، سياح درياءَ جي خشڪ حصي ڏانهن تصويرون ڪڍڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته اوچتو بي رحم لهرون انهن کي گهيري ورتو. ماڻهو پنهنجيون جانون بچائڻ لاءِ مٿاهين تي چڙهندا رهيا، مدد لاءِ سڏ ڪندا رهيا، پر درياءَ جو وهڪرو ايترو تيز هو جو ڪو به ان جي سامهون بيهي نه سگهيو. ان حوالي سان پاڪستاني ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد خان آفريدي چيو آهي ته سوات درياءَ ۾ ٻڏي ويل بيگناهه ماڻهو آخري وقت تائين بي وس رهيا ۽ ڪنهن جي بچائڻ جو انتظار ڪندا رهيا، شاهد آفريدي چيو ته انهن ماڻهن کي خبر نه هئي ته جن وٽ هي ذميواري هئي انهن جون ترجيحون مختلف هيون.