درياءَ هيٺان به وهندا آهن … جاويد حالتي

0
23
درياءَ هيٺان به وهندا آهن ... جاويد حالتي

 جيڪي چون ٿا ته درياءَ مٿان کان وھندو آ تن لاءِعرض ته درياءَ ھيٺان به وھندا آھن . ھي معلومات ھر سنڌي ماڻھو پڙھي ۽ سمجھڻ جي ڪوشش ڪري ھن درياءَ بابت جيڪو 24 ڪلاڪ ھيٺان کان وھندو آھي . جنھن ۾ ڪو به واھه يا بئراج ڪونھي ..

نيشنل ھاءِ وي N5 بابت معلومات

جتان ملڪ جي 65 سيڪڙو ھيوي ۽ ھر قسم جي ٽرئفڪ ڪراس ڪري ٿي . جيڪو ھڪ درياءَ مثل آھي …

نيشنل ھاءِ وي اٿارٽي 1991ع ۾ ھڪ ايڪٽ ٺھي جنھن کي ملڪ جي 39 سمورن ھاءِ وي،ايڪسپريس وي، موٽرويز ۽ اھم شاھراھن جي مالڪي ڊزائين ۽ ٺاھڻ جا سمورا اختيار آھن.

ملڪ جي روڊن جو ڪل تعداد ڪلوميٽرن ۾ .263577 ڪلوميٽر.

اين ايچ اي وٽ روڊن جو تعداد ڪلوميٽرن ۾ . 12131 ڪلوميٽر. جيڪو 4.6سيڪڙو ٿئي ٿو. ملڪ جي 80 سيڪڙو ٽرئفڪ انھن اين ايچ اي جي روڊن تان ڪراس ٿئي ٿي .

اين ايچ اي جي سڀني روڊن ۾ وري سڀ کان وڌيڪ ۽ ملڪ جي ھر قسم جي 65 سيڪڙو ٽرئفڪ N5 نيشنل ھاءِ وي پنج تان ڪراس ٿئي ٿي . اين فائيو جو ھڪ حصو پراڻي Gt Grand Trunk روڊ جو حصو آھي جيڪو خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ آھي.

اين فائيو . ڪل ڊيگھه. 1819 ڪلوميٽر. 1130ميل آھي . جيڪو 1913ع ۾ ٺھيو .

جنھن ۾ 1021 ڪلوميٽر رستو پنجاب ۾

671ڪلوميٽر رستو ڪراچي کان ڪمون شھيد دنگ تائين

165ڪلوميٽر رستو خيبرپختونخوا ۾ آھي .

اين فائيو ڪراچي کان تورخم تائين سنڌ، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي 105 شھرن مان ڪراس ڪري ٿي .

سنڌ جا شھر .ڪراچي، ٺٽو، حيدرآباد، ڪوٽڙي، مٽياري، سڪرنڊ، قاضي احمد، نوشھروفيرز، ڪنڊيارو ، راڻيپور، ڪوٽڏجي، خيرپور، سکر ،پنوعاقل، گھوٽڪي ۽ اوٻاڙو.

پنجاب جا شھر.

صادق آباد، بھاولپور، لوڌران، ملتان، خانيوال، ميان چنون، ساھيوال، اوڪاڙا، پتوڪي، لاھور، وزيرآباد، گجرات، کاريان، جھلم ، اسلام آباد، ٽيڪسيلا، واھه، حسن ابدال ۽ اٽڪ.

خيبرپختونخوا جا شھر.

جھانگيره ،نوشھره ،پشاور، جمرود ۽ تورخم . .

ھي تاريخي ۽ عظيم شاھراھه اتر کي ڏکڻ سان ملائي ٿي ۽ ھي پھريون ۽ وڏو ھاءِ وي آھي جتان ملڪ جي امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ جي 90سيڪڙو ٽرئفڪ ڪراس ٿي سمنڊ تي رسي ٿي، . N5 ملڪ جو وڏو ۽ پراڻو ھاءِ وي به آھي ۽ ھڪ ھيٺاھين وارو درياءَ به جيڪو مٿين ڏي اربين ڊالرن جو شيون کڻي ويندو آھي .

تڏھن ئي چوندا آھن درياءَ ھيٺان کان به وھندا آھن انھن تي پڇڙي وارو جو حق آ . درياءَ تي نالا پڇڙي جي ڪري پيا پوءِ چاھي نيل ھجي يا سنڌو …