ميهڙ (ن پ ا) ميھڙ ۾ نوجوانن پنھنجون سالگرهه جون خوشيون به سنڌو درياءَ سان منسوب ڪري ڇڏيون. نيشنل پريس ڪلب ميھڙ ۾ سماجي نوجوان خليق الرحمان سومرو پنھنجي سالگرھ جي ڪيڪ تي سنڌو درياھ مان ڪئنال ڪڍڻ بند ڪريو جو نعرو لکي پنھنجي سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽيو ان موقعي تي موجود سياسي سماجي ۽ صحافي اڳواڻن پاران ڪئنال سمورا نامنظور جا نعره ھنيا ويا سالگرھه تقريب ۾ سماجي نوجوان اڳواڻ خليق الرحمن سومرو، طاھر محزون ڀٽي، نيشنل پريس ڪلب ميھڙ جي جنرل سيڪريٽريءَ عبدالرحمن قمبراڻي ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته اسان جون خوشيون به سنڌو درياءَ سان وابسطا آھن سنڌو وھندو ته خوشيون به ھونديون ھنن چيو ته سنڌو درياھ مان ڪئنال ڪڍڻ وارو فيصلو فوري طور واپس ورتو وڃي ڪئنال نڪرڻ سان سنڌ سڪي ويندي سالگرھه تقريب ۾ صحافين سميت سياسي سماجي اڳواڻن ارسلان سليم مگسي ، پ ٽ الف اڳواڻ عبدالسميع سومرو، جاويد جبار ڪنڀر ، ياسر منگي ، ماجد پنھور، رضوان تنيو ، مير صابر ڪولاچي،فراز چنه ، سڌير چانڊيو ، محمد صديق پاھي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.