قمبر (رپورٽر) قمبر جي پريس ڪلب ھال ۾ شاگردن طرفان سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ جي موضوع تي ليڪچر پروگرام ڪوٺايو ويو، جنھن ۾ عوامي ورڪر پارٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ بخشل ٿلهو ليڪچر ڏيندي چيو ته درياءَ تهذيبن ۽ قومن جا اڏيندڙ آهن ۽ سڃاڻپ آهن، درياءَ سماجي زندگي اڏڻ ۾ مدد ٿو ڪري، سماجي ۽ معاشي پاسن کان پڻ درياءَ جو ڳانڍاپو رهيو آهي، اڄ درياءَ مان ڪئنالن جي ٺهڻ جو معاملو سنڌ جي وحدت تي سوال آهي، ان سان گڏ پڻ جياپي ۽ معاشي زندگي تي گڏيل سوال آهي، هن وقت اسان سنڌين کي پنهنجي سڃاڻپ ۽ جياپي خاطر گڏجي جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي.