درياءَ سنڌ جي جياپي جو واحد ذريعو آهي ان کي ختم ٿيڻ نه ڏينداسين: قادر مگسي

0
17
درياءَ سنڌ جي جياپي جو واحد ذريعو آهي ان کي ختم ٿيڻ نه ڏينداسين: قادر مگسي
درياءَ سنڌ جي جياپي جو واحد ذريعو آهي ان کي ختم ٿيڻ نه ڏينداسين: قادر مگسي

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) آمريڪا ٽيڪساس ۾ سنڌين جي سنڌو درياءِ تي ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي خلاف احتجاجي گڏجاڻي ٿي گذري جنهن کي خطاب ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته هن وقت سڄي سنڌ پنهنجي جياپي جي جنگ وڙهي رهي آهي سنڌو درياءِ سنڌ جو نه صرف تاريخي تهذيب و تمدن جو ورثو آهي پر سنڌ جي جياپي جو واحد ذريعو آهي ان کي ڪنهن به صورت ۾ ختم ٿيڻ نه ڏينداسين. اسان ڇهه ڪروڙ انسان پنهنجي وطن ۽ وسيلن جي حفاظت ڪنداسين. هن چيو ته پ پ قومي اسمبلي ۾ ڪئنال اشو تي بحث ڪيوآهي پر سندن گفتگو ء سياسي عمل ۾ غير سنجيدگي نظر آئي ڪجھ ايم اين ايز احتجاج ڪندڙن تي ٺٺول ڪري رياست وٽ پاڻ وڻائڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪو قابل مذمت آهي. قرارداد آڻڻ لاء ڪابه حڪمت ء سنجيدگي نظر نه آئي  ٻين اپوزيشن پارٽين کي اعتماد ۾ وٺي مسودو ايڪسچينج ڪري گڏيل مشوري سان قرارداد آڻي سگهبي آهي ته جيئنپارليامينٽ ۾ موجود ايم ڪيو ايم جي يو آء فضل رحمان پي ٽي آء بلوچ ء پشتون قومپرست پارٽين جي موقف کان سنڌ کي آگاهي ملي سگهي ها پ پ معصوم بنجڻ بجاءسنجيده طريقي سان سينيٽ ۽ قومي اسمبلي ۾ قرارداد پيش ڪري ته اڇا ۽ ڪارا  ڇڻي پٽ  پون. هن چيو ته پ پ پ جيڪڏهن وقت موقعي پرستي ته سندس سياست سنڌ ۾ هميشه لاءِ دفن ٿي ويندي. ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ملڪ جي واڳ ڌڻين جيڪڏهن اڃان به سنڌ جي احتجاج کان ڪن لاٽار ڪئي ته ان جو ملڪ جو نقصان ٿيندو. سنڌ پرامن انسانن جي ڌرتي آهي اسان پرامن سياسي جدوجھد سان ماضي ۾ آمرن کي شڪست ڏني هاڻي به انهن کي شڪست ڏئي سنڌ کي سوڀاروڪنداسين.ان موقعي تي گڏ ٿيل سنڌين ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي اڳواڻي ۾ ڪئنالن خلاف احتجاج ڪندي سخت نعريبازي پڻ ڪئي.