هِي اُن سنڌوءَ جي ڳالهه ناهي، جنهن لاءِ امر جليل جوانيءَ جا ڏينھن هوائن ۾ هڳاءُ ڳوليندي گذاريا، نه ئي ان سِنڌوءَ جي جيڪا اکين سان ڳالهائيندي هئي، دِل سان ڏسندي هئي، پوپٽن سان پيار ڪندي هئي، مخلص ٽھڪن سان خِزان کي بهار ڪري ڇڏيندي هئي ۽ هڪ ڏينهن شاخ جي ڪپ تي وهنجندي دِل جي ٽُڪڙي طرفان ڏنل ڇلڙو پاڻيءَ ۾ ڳوليندي ٻُڏي مري ويئي. پر هِي اُن سنڌوءَ جي ڳالھ آھي، جيڪو تھذيب جو پالڻھار آھي، هِي ان سنڌوءَ جي ڳالهه آھي، جيڪو شِينھن جيان گجگوڙ ڪندو سمنڊ سان وڃي ٻکجندو آھي ۽ هِي ان سنڌوءَ جي ڳالهه آھي، جنهن کي سنڌي پنهنجو ساھ ۽ ويساھ سمجهندا آھن. هِي ان سنڌوءَ جي ڳالهه آھي، جنهن تي کير جھڙي اڇي ڇوڪري البيس البينه “سنڌو جون سلطنتون” جھڙو شاهڪار ڪتاب لکيو آھي ۽ هِي ان سنڌوءَ جي ڳالھ آھي، جنهن کي ترخانن ۽ تاتارين جي گهوڙن جي سُنبن منجهان اُڏيل دز ميرو ڪري ناهي سگهي ۽ هِي ان سنڌوءَ جي ڳالهه آھي، جيڪو سنڌ جي تاريخ جو اکين ڏٺو شاهد آھي.
تاريخ جي دِل ان سون مڪائي جھڙي سچ جي چشم ديد گواھ آھي ته، اکين جي ڪنڌين تي خُواب وڏا ٿيا آھن ۽ دريائن جي ڪنارن تي ڳوٺ وڏا ٿيا آھن. دورن جا دور ۽ ديسن جا ديس دريائن جي ڪُک مان سُرڪ ڀري مچي مواڙ ٿيا آھن. ڌرتي تھذيب جي ماءُ آھي، سرتي ان جي دائي آھي ۽ درياءَ ان کي سُتي ڏني آھي. تنهن ڪري درياءَ جي دانهن تھذيب جي دانهن آھي ۽ درياءَ جو درد تھذيب جو درد آھي. سنڌو درياءَ ته، سنڌ جي ماضيءَ جو عڪاس ۽ مستقبل جو مصور آھي. هن موهن جي دڙي جون موجون، راجا ڏاهر جون تلوارون، مرکان شيخڻ جا لاڏا، ڀٽائيءَ جا پنڌ ۽ علي بابا جو عشق ڏٺو آھي. هن سنڌ جي مزاحمتي تلوارن جا وات ڳاڙھا ٿيندي ڏٺا آھن، هن حملي آورن جي ڀاڄ جا شڪسته آواز ٻُڌا آھن، هن ڏِيئن جي چمڪاٽ، گُلابن جي ھٻڪار، گهوڙن جي هڻڪار ۽ ريل گاڏين جا ڪوڪاٽ سُڻيا آھن.
ڳالهه هِي آھي ته، ست ڪروڙ سنڌين کي جياپي جي سُتي ڏيندڙ سِنڌوءَ مٿان پاڻي چور پنجاب گذريل ڏيڍ صديءَ کان ڌاڙو هڻي رهيو آھي. هِي ڌاڙو رُڳو سُھڻي ۽ ميهار جي پيار ڪهاڻيءَ جي توهين ناهي، هِي ڌاڙو رڳو ساڌ ٻيلي جي مندرن مٿان وڄندڙ گهنڊن تي گهات ناهي، رُڳو سمنڊ کي ڇِتو ڪرڻ جي سازش ناهي.
رُڳو ٻُلھڻ جي حياتيءَ سان هٿ چراند ناهي، رُڳو ٻيڙيءَ کي اُڃيو رکڻ جو اهنج ناهي، هِي ڌاڙو رُڳو ڌَراڙن جي دِل تي ڌَڪ ناهي، رُڳو مُهاڻن جي مُرڪ کسجي وڃڻ جو معاملو ناهي پر هِي ڌاڙو پنج هزار سال پراڻي تھذيب جي رُوح تي رهڙ آھي. سنڌين جي وجود تي هڪ زهريلي نانگَ وارو وار آھي، هِي ڌاڙو سنڌ جي دِل مٿان ڪاپاري ڌَڪ آھي. ماڻھوءَ جي دِل رت پمپ ڪندي آھي، ماڻھو جيئندو آھي ۽ سنڌ جي دِل ۾ سنڌو وهندو آھي ته، سنڌ جيئندي آھي. سنڌوءَ جو وهڪرو سنڌ جي جياپي جي نشاني آھي.
1952ع ۾ شِينھن سنڌو مٿان تونسه پنجند بئراج ٺاهيو ويو، 1960ع ۾ ٽي درياءَ انڊيا کي وڪڻي ڏنا ويا، 1962ع ۾ منگلا ڊيم ٺاهيو ويو، 1967ع ۾ چشما جھلم لنڪ ڪئنال اڏيو ويو، 1968 ۾ تربيلا ڊيم ٺاهيو ويو ۽ ڪالاباغ ڊيم، جنهن کي ملڪ جون ٽئي اسيمبليون رد ڪري چُڪيون آھن پر اڄ به پنجاب عرف وفاق جڏھن چاهي ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جي گار ملڪ ۾ قيد قومن کي ڏيئي ٿو ڇڏي. هاڻ وري سنڌوءَ ۾ پيل لپ کن پاڻي کسڻ لئه سنڌوءَ مٿان ڇھ ڪئنال اڏجڻ جي تياري آھي. پر اهي ڪئنال لاڙَ جون شامون لٽيندا، اتر جا آنڊا چيريندا ۽ سنڌ کي بنجر بڻائي ڇڏيندا.
پنجاب تي سنڌ جي پاڻي چوريءَ جو ڪيس هڪ وڏو داغ آھي، ڪپڙن تي لڳل داغ صرف سان ڌوئي سگهجي ٿو پر دِليون ڌوڏيندڙ داغ تاريخ جو اڻ وسرندڙ باب هوندو آھي، ان کي ڌُوئڻ لاءِ صرف نه پر ضمير جي سچائي گُهرجي. وسيلا وطن جو ويڄ هوندا آھن، سنڌ جو وڏو وسيلو سنڌو آھي. جنهن جي لھرن ۾ سنڌ جي خوشحاليءَ جو راز لِڪل آھي. سنڌو درياءَ جي سمنڊ سان ملاقات سنڌ جو خُواب بڻجي ويو آھي. جيئن ڪوئي وحشي عاشق ۽ محبوب کي ملڻ ناهي ڏيندو ۽ هُو دِل جي دڙڪن کي غيرت سمجهندو آھي، تيئن پنجاب جي ناپاڪ نيت سنڌو ۽ سمنڊ کي پاڻ ۾ نٿي ملڻ ڏي. بُلي شاھ يا وارث شاھ ته رهيا ناهن، جن کي ڀٽائيءَ جي تڙپندڙ ڀونءِ جو پيغام کڻي ميار ڏجي. هاڻ ته بُوٽ جي ڦُڻن تي نچندڙ نااهل حُڪمران آھن، جن جو قد ميار کان ننڍو آھي، انهن سان مزاحمت ئي ڪري سگهجي ٿي.
درياءَ جو درد، درد جو درياءَ آھي. اڄ سنڌوءَ جي پيٽ ۾ ٻيڙيون احتجاج ڪري رهيون آھن، مُهاڻن جي اکين ۾ لهرن جا نقشا ٺھي رهيا آهن ۽ حُڪمران وري سنڌوءَ مٿان ڪئنال ٺاهي رهيا آھن. وقت جي تقاضا ته هِي آھي ته، تاريخ جي سچ کي سمجهي اهڙو مچ مچائجي جو سنڌوءَ جون ڇوليون وري لشڪارا هڻندي سمنڊ سان وڃي سيج ملهائين ۽ سائي سائي سنڌ جو خُواب مڪملتا ماڻي.