ميهڙ(ن پ ا) ميھڙ ۾ ريڙھو ھلائيندڙ پورھيت ۽ مزدور به ڪئنالن خلاف روڊن تي نڪري آيا سبزي فروٽ يونين ميھڙ جي اڳواڻن اربيلو ڪلھوڙو، نثار ميمڻ، فراز چنا، آزاد چنا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ فريدآباد اسٽاپ کان گھنٽا گھر چوڪ ۽ نيشنل پريس ڪلب ميھڙ تائين احتجاجي مظاھرو ڪري ريلي ڪڍي وئي. ٻئي طرف پ ٽ الف تعلقي صدر اعجاز چانڊيو ، عبدالصمد ٻگهيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شاگردن ۽ استادن پاران مختلف اسڪولن ۾ اسيمبلي دوران پڻ مظاھرا ڪيا ويا. ان موقعي تي مظاھرن جي اڳواڻي ڪندڙن نيشنل پريس ڪلب ميھڙ جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ جي ھر ماڻھو جو جيئڻ سنڌو درياء سان لاڳاپيل آھي سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌي ماڻھن کي مارڻ برابر آھي سنڌ جو ڪو به ماڻھو پنھنجي درياي تي ڌاڙو برداشت نه ڪندو درياء تي ڌاڙي خلاف پ پ پ سرڪار ٻٽ بڻيل آھي سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ وارو عمل غير آئيني غير قانوني آھي سنڌ ۾ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ آھي ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي ھنن گھر ڪئي ته سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ وارو فيصلو واپس وٺي ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جون زمينون نيلام ڪرڻ بند ڪيون وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.