وارهه (ن پ ا) سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال ٺاهڻ خلاف عوامي تحريڪ جي سڏ تي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙ اڳواڻن مرڪ منان، برڪت سوڍر، راجا الطاف، عرفان چانڊيو، آفتاب چانڊيو ۽ ٻين چيو ته سنڌ جو پاڻي بند ڪرڻ، زرعي انقلاب جي نالي ۾ 48 لک ايڪڙن کان وڌيڪ زمينن تي قبضا ۽ ڌاڙيل راڄ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي، سنڌو درياهه سنڌ جي جياپي جو واحد ذريعو آهي، وهڪرن جي بحالي ۽ ڪئنالن جي اڏاوت خلاف 22 ڊسمبر تي سکر ۾ ريلي ڪڍي ويندي.