درياءَ تي ڪئنالن جو منصوبو سنڌ دشمن قرار: ملڪ هلائڻو آهي ته مشڪريون بند ڪيو: ساڃاهه وند

0
20
درياءَ تي ڪئنالن جو منصوبو سنڌ دشمن قرار: ملڪ هلائڻو آهي ته مشڪريون بند ڪيو: ساڃاهه وند
درياءَ تي ڪئنالن جو منصوبو سنڌ دشمن قرار: ملڪ هلائڻو آهي ته مشڪريون بند ڪيو: ساڃاهه وند

حيدرآباد (رپورٽ : فيض کوسو) حيدرآباد ۾ هلندڙ اياز ميلي ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ جي پاڻي جو مسئلو مڪمل طور تي سياسي آهي، جيڪڏهن سنڌ جي پاڻي جو مسئلو حل نه ٿيو ته اها سياسي ناڪامي هوندي، ملڪ ۾ قومي مفادن جو نالو ڏئي ماڻهن کي ڳالهائڻ کان به روڪيو وڃي ٿو، چولستان اسڪيم ٺهي ته درياهه جي هيٺيان وارا علائقا چولستان بڻجي ويندا، هتي رات وچ ۾ سنڌ دشمن ۽ درياهه دشمن منصوبا جڙن ٿا، سنڌو درياهه نه رهيو ته انڊس سولائزيشن به ختم ٿي ويندي، پاڻي هجڻ ۽ نه هجڻ جي صورت ۾ عورتن کي وڌيڪ ڀوڳڻو پوي ٿو. اهڙو اظهار ترقي پسند، انقلابي، رومانوي ۽ وطن دوست شاعر شيخ اياز کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ حيدرآباد ۾ هلندڙ اياز ميلي جي ٻئي ڏينهن تي ”پاڻي منجهه پساهه“ جي عنوان هيٺ ٿيل هڪ اهم ويهڪ ۾ ڳالهائيندي مقررن ڪيو. اياز ميلي جي ٻئي ڏينهن تي ”پاڻي منجهه پساهه“ جي موضوع تي ٿيل سيشن ۾ ڳالهائيندي پاڻي ماهر ۽ دانشور نصير ميمڻ چيو ته سنڌ جي پاڻي جو جو مسئلو حل نه ٿيو ته اها وڏي سياسي ناڪامي هوندي. هن چيو ته ملڪ ۾ قومي مفادن جو نالو ڏئي ماڻهن کي ڳالهائڻ کان به روڪيو وڃي ٿو. سنڌو درياهه مان نڪرندڙ 6 نون ڪئنالن مان سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ چولستان ڪئنال آهي ڇاڪاڻ ته ان ڪئنال جي پٺيان ٻيا منصوبا به موجود آهن. 1922ع کان چولستان ڪئنال وارو منصوبو ٻئي نالي سان موجود ۾ هو ۽ هاڻي 100 سالن کانپوءِ ٻيهر ان منصوبي کي جياريو ويو آهي. هن چيو ته نگران حڪومت ۾ ارسا آرڊيننس کي آندو ويو. ڪابينا جي ٽن ميمبرن ان آرڊيننس کي به رد ڪيو هو. آرڊيننس ۾ هڪ ڪاموري کي طاقتور بڻايو ويو. هن چيو ته جيڪڏهن چولستان اسڪيم ٺهي وئي ته سنڌو درياهه جي چولستان منصوبي کان هيٺ وارا علائقا خود چولستان بڻجي ويندا. اها اسڪيم فني ۽ ماحولياتي لحاظ سان تڪراري آهي. پاڻي وفاقي حڪومت جو معاملو نه آهي ۽ اهو خالص صوبائي معاملو آهي. هن چيو ته صاف پاڻي جي موجودگي جو سوال ئي ختم ٿي ويندو جڏهن پاڻي ئي موجود نه هوندو. سنڌ آبادگار بورڊ جي صدر محمود نواز شاهه چيو ته انڊس ڊيلٽا تباهه ٿيل آهي. پنجاب ۾ زراعت سنڌ کان وڌي آهي ۽ سنڌ ۾ زراعت گهٽجي رهي آهي. پنجاب ۾ سارين جي پيداوار 13 هزار کان وڌي 23 هزار هيٽرڪ تي پهتي آهي جڏهن ته سنڌ ساريال جو فصل گهٽيو آهي. هن چيو ته سنڌ کي پاڻي نٿو ملي ۽ چيو پيو وڃي ته ڪئنال ڪڍي چولستان جو ريگستان آباد ڪنداسين. ملڪ کي هلائڻو آهي ته پوءِ مشڪريون بند ڪرڻيون پونديون. ڪئنال ٺهيا ته زراعت ته پري جي ڳالهه پر پيئڻ لاءِ به پاڻي ميسر نه هوندو. هن چيو ته منڇر ڍنڍ مڪمل طور تباهه ٿي وئي آهي. رات جي پيٽ ۾ سنڌ دشمن ۽ درياهه دشمن منصوبا جوڙيا وڃن ٿا ۽ اها ئي هن ملڪ سان وڏي مشڪري آهي. هن چيو ته ماحوليات کي بهتر ڪرڻو آهي ته درياهه کي وهڻ ڏيڻو پوندو، کوهه مٺا ڪرڻا پوندا ۽ ڊيلٽا کي به ٻيهر جيارڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوندي. پاڻي ماهر الله اوڀايو خشڪ چيو ته 1991ع واري پاڻي ٺاهه ۾ گريٽر ٿل ڪئنال نه آهي پر اهو ٺاهيو ويو ۽ هاڻ ان جو ٻيو فيز شروع ڪيو ويو آهي. چولستان ڪئنال لاءِ پاڻي جي پورائي واسطي خيالي منصوبابندي ڪئي وئي آهي. پاڻي موجود ئي ڪونهي ته خيالي منصوبابندي ڇا ڪندي؟ هن چيو ته ارسا وٽ ڪئنالن بابت راءِ ڏيڻ يا انهن منصوبن تي عمل ڪرائڻ جو ڪو به اختيار ڪونهي.  هن چيو ته انڊس ڊيلٽا جو 92 سيڪڙو سمنڊ ڳڙڪائي چڪو آهي. سنڌو درياهه مري رهيو آهي ۽ سمنڊ ۾ پاڻي نه وڃڻ جي ڪري 1947ع جي مقابلي ۾ ڪيٽي بندر ڪيترائي ميل سمنڊ جي اندر هليو ويو آهي. سنڌو درياهه نه رهيو ته انڊس سولائزيشن به نه رهندي.  نامياري صحافڻ عافيا سلام چيو ته روايتي ميڊيا تي ڀاڙڻ جو وقت گذري چڪو. هاڻي هر ماڻهو پنهنجي ميڊيا پاڻ آهي ان ڪري روايتي ميڊيا جيڪڏهن سنڌو درياهه جي مسئلي تي ڌيان نٿي ڏئي ته ڪو مسئلو ڪونهي. هن سوال ڪيو ته ڇا سنڌ جي پاڻي جو ڪيس رستن تي وڙهيو ويندو ۽ فيصلو به رستن تي ٿيندو؟ هن چيو ته پاڻي وڌيڪ اچي يا پاڻي ماڳهين نه اچي ٻنهي صورتن ۾ عورتون وڌيڪ ڀوڳين ٿيون. پاڻي جي کوٽ هئڻ باوجود چولستان ۾ زراعت جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته بغير پاڻي جي ريگستان جون زمينون آباد ٿينديون؟ هن چيو ته سنڌ پوڇڙ ۾ آهي ان ڪري پاڻي جي ورڇ تي سنڌ کي وڌيڪ خدشا آهن. پاڻي جي کوٽ ۽ گدلي پاڻي سبب رڳو سنڌ ئي متاثر نٿي ٿئي پر سرائيڪي وسيب به متاثر ٿئي ٿو. ويهڪ جي ماڊريٽر پروفيسر اسماعيل ڪنڀر چيو ته دنيا ۾ وڏا جهيڙا پاڻي تي ٿيا آهن. درياهن جا قدرتي وهڪرا ڪڏهن به عالمي قانونن ۽ اصولن تحت بند نٿا ڪري سگهجن. سنڌ درياهه جي ڌرتي آهي ۽ درياهه سنڌو تهذيب جو خالق آهي. هن چيو ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۽ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ پاڻي معاهدا ٿيا پر انهن تي عمل نه ٿيو آهي. اياز ميلي ۾ 24 کان وڌيڪ ڪتابن جا اسٽال لڳايا ويا آھن جتي ڪتابن سان چاھ رکندڙ ميلي جي ٻئي ڏينھن به خريداري ڪندا رھيا. ميلي ۾ سٽڪو پاران سنڌ ميوزيم ۾ قائم ٿيل وليج ۾ سنڌ جي ھٿ ھنر جي دستڪاري جا اسٽال لڳايا ويا آھن جتي سنڌ جي مختلف علائقن مان آيل ھٿ جي ھنر جي سگھڙ عورتن دستڪاري جا جوھر ڏيکاريا. ڏھين اياز ميلي ۾ محفل اياز پڻ ٿي جنھن جي ڪارروائي نامياري ڪمپيئر بخشڻ مھراڻوي ھلائي. محفل اياز ۾ نامياري راڳي سيف سميجو، صنم ماروي، ضامن علي، عاشق نظاماڻي، برڪت فقير، جواد فقير، ڀڳت جواھر لال، ستار نواز شاھد ۽ جاويد جوڻيجو سميت ٻين سرن جي ورکا ڪئي جنھن تي ميلي ۾ شريڪ سوين نوجوان جھمريون ھڻي رقص ڪندي فنڪارن توڙي فنڪارائن کي داد ڏيندا رھيا.