سنڌو درياءَ مٿان چولستان سميت مختلف ڪئنال اڏڻ خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آھي، گذريل ڪُجهه مهينن کان جاري سنڌي قوم جي سخت احتجاجن باوجود ڪئنال منصوبا ختم ڪرڻ جو ڪوبه اعلان سامهون اچي نه سگهيو آھي، نتيجي ۾ سنڌ اندر مستقبل ۾ پاڻي جي کوٽ کي نظر ۾ رکندي نه رڳو سياسي سماجي ۽ مذھبي ڌريون روڊن تي آھن پر زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ڌريون جن ۾ صحافي، وڪيل، شاگرد، استاد، راڳي، شاعر، اديب، سول سوسائٽيءَ سان تعلق رکندڙ ماڻھن سميت عورتون، ٻارڙا ۽ عام ماڻھو به سنڌو درياءَ تي اڏجندڙ ڪئنالن خلاف پنهنجو پنهنجو آواز بلند ڪري رهيا آھن.ان کان علاوه ملڪي توڙي پرڏيهي شهرن توڙي ملڪن ۾ به احتجاجن سان گڏ سوشل ميڊيا تي نو مور ڪئنال آن انڊس ريور پڻ ٽاپ ٽرينڊ بڻيل آھي پر ان جي باوجود حڪمران ڌر جا ڪجھ وزير ملڪ جي اهم ۽ قدرتي وسيلن سان مالا مال صوبي سنڌ جي ڪروڙين ماڻھن جي ڳالھ ٻڌڻ يا انهن کي ڪئنالن بابت مڪمل طور گائيڊ ڪري قائل ڪرڻ جي بجاءِ سنڌ جي ڇھ ڪروڙ ماڻھن جي احتجاج کي ڪجھ شرپسندن جو احتجاج چئي سڄي سنڌي قوم جي توهين ڪري رهيا آھن، جيڪو انتهائي افسوسناڪ عمل آھي، وفاقي وزير يا حڪمران ڌر جا ماڻھو وقتي قائم اقتدار جي انڌ ۾ هو اهو سڀ ڪجھ وساري ويٺا آھن ته جيڪا سنڌي قوم اڄ پنهنجي بقا جي جنگ وڙھي رهي آھي، ان ئي سنڌي قوم جي سنڌ اسيمبلي سڀ کان اڳ نه رڳو پاڪستان جي قائم ڪرڻ جي حق ۾ ٺھراءَ پاس ڪيو هو پر ملڪ جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي اڄ تائين سنڌ پاڪستان سان لڳاتار اها وفاداري نڀائي رهي آھي، جنهن جو ڪو مثال نٿو ملي.
سنڌ جي بندرگاھ، سنڌ جي بجلي، سنڌ جو گئس، سنڌ جو ڪوئلو، سنڌ مان پئدا ٿيندڙ ٻيون انيڪ شيون پنجاب سميت سموري ملڪ کي سدائين فائدو ڏينديون رهيون آھن، ان کان علاوه پنجاب سميت سڄي ملڪ جا لکين ماڻھو به سنڌ ۾ رهن ٿا، هتي روزگار ڪن ٿا، هتان هو ڪافي ناڻو ڪمائي پنهنجي صوبن ڏانهن موڪلين ٿا پر سنڌي قوم سميت ٻين سنڌ جي رهواسين ڪڏهن به ان تي اعتراض ناهي ڪيو، نه ئي ڪڏهن سنڌي قوم تعصب پرستي جي آڙ ورتي آھي، ان جي باوجود سنڌي ماڻھن سان ناانصافيون ٿينديون رهيون آھن، سنڌ جي ماڻھن کي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ سدائين احتجاجن تي مجبور ڪيو ويندو رهيو آھي، جيترا احتجاج سنڌي ماڻھن پنهنجي حقن لاءِ ڪيا آھن، ايترا شايد ڪنهن به صوبي جي ماڻھن نه ڪيا هوندا.ڏٺو وڃي ته سنڌ جي حقن تي سدائين ڌاڙا لڳندا رهيا آھن، جڏهن به سنڌي قوم پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿاريو آھي ته ان کي ڪڏهن تعصب پرستي جا طعنا مليا آھن ته ڪڏهن انهن جي وسيلن جي زوريءَ ڦرلٽ ڪئي وئي آھي، هن وقت به سنڌو تي پاڻي جو ڌاڙو هڻڻ جي ڪوشش جاري آھي، ان جي باوجود سنڌ ۽ سنڌي قوم ملڪ سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي رات ڏينهن جاکوڙ ڪري ملڪي ترقي ۾ پنهنجو حصو ملائيندا رهيا آھن، سنڌي قوم ڪڏهن به هتان کان پنجاب ويندڙ رسد بند ناهي ڪئي، ان کي شرپسند سڏڻ بجاءِ سدائين وڏو ڀاءُ سڏيو آھي.
سنڌ جيڪا امن پيار ۽ محبت جو پيغام ڏيندڙ ڌرتي رهي آھي، سنڌ جيڪا صوفين جي سرزمين سڏجندي آھي، ان سان ڪڏهن ڪھڙي صورت ۾ ته ڪڏهن ڪھڙي صورت ۾ سدائين ڪلور ٿيندا رهيا آھن، سنڌ جي چند اقتدار پرست ڌرين کي اقتدار جي لالچ ڏئي ڪڏهن سنڌ جون زمينون ڦٻايون ٿيون وڃن، ڪڏهن سامونڊي ٻيٽن ۾ اکيون وڌيون ٿيون وڃن، ڪڏهن ڪارونجهر جھڙن انمول هيرن جهڙن پٿرن تي قبضن جو سوچيو ٿو وڃي ته ڪڏهن وري سنڌو درياءَ جي پاڻي تي راتاها هڻي سنڌ جي سرسبز زمينن کي بنجر بنائڻ جھڙيون ڪڌيون سازشون ڪري سنڌ واسين کي احتجاجن تي مجبور ڪيو ٿو وڃي، پر ان جي باوجود سنڌي قوم ڪڏهن به صبر جو دامن هٿن مان ناهي ڇڏيو ۽ نه ئي سنڌ جي ماڻھن ملڪ جي ٻين صوبن جي وسيلن ڦٻائڻ جو ڪڏهن سوچيو آھي،
تنهن ڪري سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن کي وڌيڪ آزمائشن ۾ وجهڻ بجاءِ سنڌو درياءَ تي ڇهن اڏجندڙ نون ڪئنالن بابت انهن جا خدشا ٻڌي اهي تڪراري منصوبا ختم ڪيا وڃن، ڇو ته سنڌي قوم پنهنجي هڪ الڳ تاريخ رکندڙ اها بهادر قوم آھي، جيڪا جڏهن به سجاڳ ٿي آھي، تڏهن ان پنهنجا حق ڇني ضرور ورتا آھن، ان جي صبر جو امتحان وٺڻ بجاءِ انهن کي ٻڌو وڃي، سنڌ جي ماڻھن هن وقت تائين ڪئنالن جي خلاف پرامن ۽ لڳاتار جدوجهد جو هڪ مثال قائم ڪيو آھي، ڇو ته هي هڪ امن پرست ۽ ڳالهين وسيلي حق وٺڻ کي ترجيح ڏيندڙ قوم پڻ آھي، ان ڪري وفاقي سرڪار کي به گهرجي ته پاڪستان جي حقيقي محافظ صوبي سنڌ جي ماڻھن جي احتجاجن کي اهميت ڏئي سنڌو درياءَ مٿان اڏجندڙ ڪئنالن وارو فيصلو واپس وٺي پنهنجن وزيرن ۽ مشيرن کي نفرت وارا بيان ڏيڻ کان روڪي سنڌ ۽ سنڌي قوم کي به هن ملڪ جو حقيقي وارث تسليم ڪري هتان جي ترقي ۽ بهتر آئيندي لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن ته جيئن سنڌ ماضيءَ وانگر ايندڙ وقت ۾ به ملڪ جي روشن مستقبل لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري اڳتي وڌندي رهي، جنهن سان پاڪستان دنيا جي جديد ترقي ۾ نروار ٿي اڀري سگهي ٿو.