ٺل (ن پ ا) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ سنڌ جي هزارين ايڪڙ مالا مال خوشحال زرعي زمين کي بنجر بڻائڻ جي سازش آهي، جنهن سازش جي خلاف اسان روڊن تي آهيون، هن اهڙيون ڳالهيون هن ٺل ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ پاران سنڌ ڪيفي ۾ منعقد ڪيل سنڌو دريا مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف عوامي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته سنڌو درياءَ سنڌ جي عوام جو جياپو آهي،جنهن ڪري سنڌ جي ماڻهو بنا ڪنهن مذهب نسل ۽ فرقي جي اڳتي نڪرڻو پوندو، سنڌ هن وقت ڏکئي صورتحال مان گذري رهي آهي۔معصوم ٻار اغوا ٿي رهيا آهن پر حڪومت امن امان ڪرائڻ ۾ سنجيده ناهي,هن وڌيڪ چيو ته سنگرار مان اغوا ٿيل پريا ڪماري ۽ ٺل مان اغوا ٿيل نينگري فضيلا سرڪي کي سالن کان اغوا ڪيو ويو آهي،اسان سنڌي ماڻهن کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ نڪتا آهيون.