حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ فرينڊس فورم دبئي پاران قومي عوامي تحريڪ سربراھ اياز لطيف پليجو جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي چيو ته پنهنجي درياءَ، ثقافت، تاريخ ۽ وسيلن کي بچائڻ لاءِ مزاحمت ڪنداسين. سنڌ جو عوام ڏوهن، انتهاپسندي ۽ ڪرپشن کان ڇوٽڪارو چاهي ٿو. ڪو به معاشرو رواداري ۽ برداشت کانسواءِ ترقي نٿو ڪري سگهي. شاھ لطيف، سچل جو فڪر ماڻهن کي ڳنڍڻ جو درس ڏئي ٿو. اسان کي سنڌي سان گڏ، پنجابي، پشتو، اردو، بلوچي، ھندڪو ۽ سرائڪي ٻوليون به عزيز آھن. سنڌ سميت سڄي ڏکڻ ايشيا امن، فن ۽ محبت جي ڌرتي آهي. سنڌ دنيا کي امن، رواداري ۽ محبت جو عالمي پيغام ڏي ٿي. سنڌ سميت پاڪستان ۾ ميرٽ، امن ۽ برابري چاهيون ٿا. هن چيو ته اوھان مان ھرھڪ اھا قومي ذميداري کڻي ته ھو ھر سال ڪن به ٽن کان پنجن قابل، محنتي، ايماندار ۽ ضرورتمند نوجوانن جي ڀرپور مدد ڪري انھن کي تعليم ۽ روزگار لاءِ پرڏيهه گھرائي انھن جي حال ۽ مستقبل کي بھتر بڻائڻ جو ذميدارانه ڪردار ادا ڪندو. اوھان پرڏيھه ۾ رھندڙ انھن ماڻھن کان بھتر آھيو جيڪي پاڻ ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان چڱي شعبي يا بھتر ملڪ ۾ پھچي، پوءِ پنھنجي ڪروڙين محروم ۽ مظلوم وطن واسين کان لاتعلق ٿي، ذاتي ترقيءَ، فيملي اسٽيٽس، لئي ۽ مزن جي ڊوڙ ۾ مصروف ٿي وڃن ٿا. ذاتي زندگي، خانداني ترقي ۽ انفرادي مزن کي بلڪل وقت ڏجي پر ان سان گڏ پنھنجي صلاحيتن، وقت، واسطن، ڄاڻ ۽ تجربن جو ويھه کان ٽيھه سيڪڙو حصو پنھنجي قومي بقا، پنھنجي وطن، وسيلن، عوام ۽ انسانيت جي تحفظ، امن، انصاف، برابري ۽ ترقي لاءِ به استعمال ڪجي.