1-سرنهن جو تيل ئي واحد تيل آهي، جيڪو سڄي عمر نه ٿو ڄمي ۽ جيڪڏهن اهو ڄميل آهي، ته اهو سرنهن جو ناهي. سرنهن جي تيل جو هڪ فائدو اهو آهي ته ان ۾ جيڪو به وجھو. ڀلي فرج ۾ رکو اهو انهن شين کي منجمد نه ڪندو آهي، ان جو هڪ زنده مثال کٽاڻ آهي. کٽاڻ جيڪا سرنهن جي تيل جي اندر ٿئي ٿي، ان ۾ ڪو به ڄارو نه ٿو ٺهي، ۽ انشاءَ الله جڏهن اهو سرنهن جو تيل توهان جي جسم ۾  ويندو ته ڪڏهن به فالج نه ٿيندو. نه ئي مرگهي يا دل جو دورو پوندو نه ئي توهان جا گردا ناڪام ٿيندا۽ سڄي عمر رت جي دٻاءَ Blood pressure کان محفوظ رهندا، (انشاءَ الله).  ڇاڪاڻ ته سرنهن جو تيل خون جي نالين کي صاف ڪري ٿو.جڏهن اهي ناليون صاف ٿي وينديون ته دل تي دٻاءُ نه پوندو.

 سرنهن جي تيل جا صرف فائدا آهن.

 اسان جي ڳوٺن ۾ جڏهن جانور بيمار ٿين ٿا ته بزرگ چوندا آهن ته سرنهن جو تيل کين پياريو،  اڄ اسان سڀني کي سرنهن جي تيل جي ضرورت آهي.

 2- لوڻ (لوڻ کي تبديل ڪريو).

 لوڻ ڇا آهي؟

 لوڻ ماڻهوءَ جو ڪردار ٺاهيندو آهي،اسان چئون ٿا ته ماڻهو نمڪ حلال آهي. يا ٻيو  وري وڏو نمڪ حرام آهي. لوڻ انسان جي ڪردار کي ٺاهي ٿو.اسان کي اهو لوڻ وٺڻ گهرجي جيڪو مٽي مان نڪرندو آهي.   پوري دنيا ۾ بھترين پاڪستاني جو گلابي لوڻ آھي. گلابي هماليائي لوڻ 25 ڊالرن ۾ ڪلو وڪرو ٿئي ٿو، يعني  8000 روپين ۾۔

 هتي اسان وٽ ڏهه کان ويهه رپيا في ڪلو آهي.

 بدقسمتي ڏسو!

 اسان گهر آڻيون ٿا iodized لوڻ،  اهو لوڻ جنهن سان اسان جو ڪردار  ٺهندو، اسان کائڻ ڇڏي ڏنو.تنهن ڪري مان توهان کي گذارش ڪريان ٿو ته هميشه سينڌو لوڻ استعمال ڪريو.

 3- مٺو..

 اسان سڀني کي پنهنجي دماغ کي ٻارڻ لاءِ ڪجهه مٺي جي ضرورت آهي.  مٺو خدا مٽي ۾ رکيو آهي، يعني ڪمند ۽ ڳڙ، ۽ اسان ڳڙ کائڻ بدران کنڊ کائڻ لڳاسين. خدارا ڳڙ جو استعمال ڪريو،

 4- پاڻي

 پاڻي انسان لاءِ سڀ کان اهم شي آهي.  جنهن کان سواءِ انسان جو زندهه رهڻ ممڪن ناهي،  اسان کي به مٽي جي برتن ۾ پاڻي پيئڻ گهرجي.

  5-ڪڻڪ

ڪڻڪ استعمال ڪريو، پر ڪڻڪ ڪڏهن به fortified استعمال نه ڪريو. جڏهن ڪڻڪ اچي ان کي ائين ئي استعمال ڪريو جيئن اها آهي… (فيس بوڪ تان ورتل)