درسي ڪتاب ڏيو: نصير آباد ۾ شاگردن ۽ استادن جو ڌرڻو

0
198
درسي ڪتاب ڏيو: نصير آباد ۾ شاگردن ۽ استادن جو ڌرڻو
درسي ڪتاب ڏيو: نصير آباد ۾ شاگردن ۽ استادن جو ڌرڻو

نصيرآباد ۾ درسي ڪتابن جِي کوٽ خلاف پ ٽ الف جي سڏ تي استادن ۽ شاگردن انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو آُهي

ڪتابن جِي کوٽ خلاف شاگردن نعريبازي ڪئي، جڏھن ته ڌرڻي سبب ڪراچي حيدرآباد سکر لاڙڪاڻو ۽ ٻين شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل ٿي وئي آهي

استادن چيو ته تعلقي نصيرآباد جي پرائمري اسڪولن ۾ 27 هزار شاگرد داخل آھن، جڏهن ته انهن لاءِ رڳو 2 هزار ڪتاب ڏنا ويا آھن، 27 هزار شاگردن ۾ اسان 2 هزار ڪتاب ڪيئن ورهايون؟

هنن تعليم کاتي جي صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري کان مطالبو ڪيو ته نصيرآباد تعلقي جي پرائمري اسڪولن ۾ ڪتابن جي کوٽ ختم ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جاري رهندي