قمبر (رپورٽر) قمبر جي مين پرائمري اسڪول جي استادن ۽ شاگردن درسي ڪتاب نه ملڻ خلاف اسڪول کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي تعليم کاتي جي عملدارن خلاف نعريبازي ڪئي، اسڪول جي هيڊ ماستر طارق ڇڄڙو، استادن منٺار منگي،عامر مغيري،آصف چانڊيو سليم لاکو ۽ ٻين جو چوڻ هيو ته تعلقي جو سڀ کان وڏو اسڪول جنهن ۾ 1600سئو کان وڌيڪ شاگردن جي انرولمينٽ آهي، هن وقت تائين درسي ڪتاب نه ملي سگهيا آهن، ڪتاب نه ملڻ ڪري تعليم ۽ تدريس وارو عمل رڪيل آهي،شاگردن کي ڪتاب ڏنا وڃن.