ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ تعليم کاتي پاران اڍائي ارب رپين جي لاڳت سان ڇپايل درسي ڪتابن ۾ ڪرپشن خلاف داخل درخواست تي سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين، تعليم ۽ ناڻي کاتن جي  سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪندي 18 سيپٽمبر تي طلب ڪري ورتو, درخواست ڏيندڙ سيف الله ڪٽوهر ۽ رضا شر جي وڪيل اسد الله گهمرو چيو ته درسي ڪتابن لاءِ  رکيل اڍائي رپيا هڙپ ڪيا ويا آهن، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ جا ٻارڙا درسي ڪتابن کان محرم آهن، اسڪولن  کلڻ کي مهينو ٿيڻ باوجود شاگردن کي درسي ڪتاب ملي نه سگهيا آهن, وقت سر درسي ڪتاب نه ملڻ سبب شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي .