سنڌ ۾ نئون تعليمي سال اپريل جي مھيني کان شروع ٿي چڪو آھي مگر ٻارن کي نوان ڪتاب نہ ملي سگھيا آھن، ۽ اميد بہ نہ ھئي تہ ٻارن کي ھن سال ڪي نوان ڪتاب ٽآئيم تي ملي سگھندا. سوشل ميڊيا تي ڪنھن دوست پوئين سال پوسٽ رکي ھئي تہ ايندڙ سال ٻارن کي نوان ڪتاب ملي ويندا، مون اتي بہ ان دوست کي جواب ڏنو ھو تہ ايندڙ سال بہ نہ ملندا ۽ مان ھاڻي بہ چوان ٿو 2026 ۾ بہ سنڌ جي ٻارن کي نوان درسي ڪتاب ٽائيم تي نہ ملي سگھندا. ڇو تہ جيڪي دوست تعليم جي پاليسي ادارن ۾ ڪندا آھن انھن کي چڱي ريت خبر آھي تہ تعليمي اداري ۾ ڪم ڪئين ٿيندو آھي.ٽائيم تي ڪتاب ملڻ لاءِ تعليم کاتي کي پورو سال اڳ تياري ڪرڻ گھرجي جنھن جو سنڌ جي تعليمي اداري ۾ رواج ئي ناھي، ڪتابن ڇپائڻ جو مرحلو انتھائي ٿڪائيندڙ ۽ ٽائيم وٺندڙ ڪم آھي. سڀ کان پھرين تہ جيڪا سالياني اسڪولن جي سينس ٿيندي آھي ان مان خبر پوندي آھي تہ ھر اسڪول ۾ ٻار ڪيترا آھن مگر اسان وٽ سنڌ ۾ اڃان تائين سالياني گڻپ درست نہ ٿي سگھي آھي. جيڪا ماڻھو گڻپ ڪندا آھن ان جي خاصي بجيٽ ھوندي آھي مگر سڄي ڳڻپ موبائلن تي ڪئي ويندي آهي، اسڪولن جو وزٽ ڪري حقييقي رپورٽ تيار نہ ٿيندي آھي، ڌُڪن تي ڪم ھلائيندا آھن، ڪٿي 10 سيڪڙو ڪٿي وري 5 سيڪڙو ٻار وڌائي رپورٽ تيار ڪري جمع ڪري ڇڏيندا آھن، بجيٽ ڪجھ ماڻھن جي کيسي ۾ ھلي ويندي آھي. سو جيستائين ٻارن جي حقيقي سالياني ڳڻپ نہ ٿيندي تہ اھا خبر ڪيئن پوندي تہ اسڪولن ۾ ٻار ڪيترا آھن ۽ ڪيتري ڪتابن جي ڇپائي ڪجي.
ٻيو وڏي مرحلو آھي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو جيڪو ڪتابن جي ڇپائي ڪندو آھي جيڪو اڪثر انتشار جو شڪار رھي ٿو، ڇو تہ اُتي ملندڙ پئسا ايمانداري سان سڀني کي نہ ملندا آھن، اگر چيئرمين جا واسطا ڀلا آھن انھن کي ڪم ٽائيم تي ملندو ۽ اگر ڪو چيرمين سان تعلقات بھتر ناھن تہ پوءِ ڪم ۾ دير ٿيندي ۽ ڪوشش ڪئي ويندي تہ چيرمين جي بدلي ڪجي ۽ پوءِ ڪم شروع ٿئي. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ وارن وٽ پرنٽنگ جون مشينون موجود آھن مگر پوءِ بہ ڪتاب ڇپرائڻ لاءِ پرائيٽ ٺيڪيدارن کي ٺيڪو ڏنو ويندو آھي، اڪثر ان ۾ پنھنجي مرضي جا ٺيڪيدار پڻ ھوندا آھن جيڪي خاص ڪميشن تي ڪم ڪندا آھن ۽ انڪري انھن کي ايڏي جلدي نہ ھوندي آھي ڪتاب ٽائيم تي ڏيڻ جي، ڇو تہ انھن جي اداري سان انڊر سٽينڊنگ ھوندي آھي تہ ڪڏھن ڪتاب ملندا. ھي تہ جيڪي اھم سبب آھن جن جي ڪري ڪتابن ڇپڻ ۾ دير ٿيندي آھي مگر ڪڏھن ڪڏھن فنانس ڊپارٽمينٽ بجيٽ بہ دير سان رليز ڪندو آھي جيئن ڪتاب ڇپجي سگھجن ۽ انڪري بہ اڪثر دير ٿي ويندي آھي.
ٻيو اھم مرحلو آھي ڪتاب جي اسڪولن تائين سپلائي جو آھي جيڪو ڪڏھن بہ ٽائيم تي نہ ٿي سگھيو آھي، نہ ريجن تي ڪتاب اچن ٿا ٽائيم تي نہ وري ضلع يا تعلقا ھيڊ ڪواٽرز تي ڪتاب پھچن ٿا ان جو سبب صرف تعليم کاتي جي بيڊ گورننس آھي.جڏھن تہ مٿي ذڪر ٿيو تہ درسي ڪتاب اسڪولن ۾ ٻارن جي ساليانا ڳڻپ مطابق ٿئي ٿي يا ٿيڻ گھرجي مگر ڪجھ سالن کان اسڪولن ۾ 30 کان 40 سيڪڙو ڪتاب گھٽ ڏنا ويندا آھن ۽ ايتري قدر جو سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي اسڪولن ۾ 20 سيڪڙو تائين مشڪل سان ڪتاب ڏنا ويندا آھن جنھن جي ڪري اسڪولن ۾ سڄو تعليمي نظام درھم برھم ٿي ويندو آھي مگر حڪومت کي انجي ڪا پرواھ ناھي ڇو تعليم حڪمرانن جي ترجيح ئي ناھي.
درسي ڪتابن جي حوالي سان ھڪ اھم ڳالھ اھا بہ آھي تعليم جو وزير ڪافي سالن کان چوندو اچي ھندو ٻارن کي اسلاميات ۽ عربي نہ پڙھائبي ۽ سائين ايتري قدر چيو جو اسان اسڪولن ۾ گيتا پڙھائينداسين، جنهن جو سائين جن کي داد پڻ مليو مگر اڄ بہ اسڪولن ۾ زبردستي اسلاميات ۽ عربي پڙھائي پئي وڃي، جيڪو نان مسلم ٻارن لاءِ بار آھي جيڪو ختم ٿيڻ گھرجي.اسڪولن کي اھي ھدايتون پڻ ڏنيون ويون آھن تہ اسڪولن ۾ بُڪ بينڪ ٺاھيو ۽ پراڻا ڪتاب اسڪولن ۾ جمع ڪيو ۽ نون آيل ٻارن کي ڏيو. ھي خيال ڀلو آھي مگر ان ۾ وڏو مسئلو اھو آھي ٻارن جا ڪتاب سال کان پوءِ ڦاٽي ويندا آھن. اگر پراڻو ڪتاب ڏنو ويو تہ ٻار انھي شوق سان نہ پڙھندو، ھا جتي ڪتاب نوان آھن اُھي ضرور استعمال ڪرڻ گھرجن. ڪافي درسي ڪتابن ۾ تمام وڏيون غلطيون آھن جنھن کي دور ڪرڻ گھرجي ۽ انکانسواءِ سنڌ جي تاريخي ڪردارن جي باري ۾ غلط بياني ڪئي وئي آھي انکي پڻ درست ڪرڻ جي ضرورت آھي. سنڌ جا عظيم ڪردار جيڪي انسانيت جي خدمت ڪندا رھيا انھن جو ڪردار گھٽائي مسلمانن تائين محدود ڪيو ويو آھي. جيئن حسن علي آفندي جي باري ۾ چيو ويو آھي ھن مسلمانن جي تعليم لاءِ وڏو ڪم ڪيو، ڇا ان وقت سنڌ ۾ ھندو نہ رھندا ھئا ۽ ڇا ان جي تعليمي اداري ۾ ھندو ٻار نہ پڙھندا ھئا ۽ ان وقت سنڌ ۾ وڏي تعداد ۾ ھندو رھندا ھئا. ان کان سواءِ اگر ڏٺو وڃي تہ عثمان ڏيپلائي جھڙي فقير منش انسان کي مسلمانن جي خدمت تائين محدود ڪيو ويو آھي جڏھن ان جو تعلق ٿر سان ھو جتي 60 سيڪڙو تہ امن پسند ھندو رھن ٿا. سنڌ جو ھڪ ٻيو ڪردار رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي آھي جنھن جو تعلق منھنجي تعلقي جيمس آباد سان ھو جيڪو بعد ۽ ڪوٽ غلام محمد يعني سائين جن جي نالي سان منسوب ڪيو ويو ان جي لاءِ بہ ڪجھ اھڙي قسم جون ڳالھيون ڪيون ويون آھن تہ انھن مسلمانن جي وڏي خدمت ڪئي. مان سمجھان ٿو سڀ شخصيتون انسان دوست ھيون ۽ انھن انسانن جي خدمت ڪئي ۽ انڪري انھن جو ڪردارا مسلمانن تائين محدود نہ ڪرڻ گھرجي.
ھن دفعي اٺين درجي تائين اسڪولن ۾ امتحان خبر ناھي ڇو ورتا ويا آھن جڏھن تہ اسڪولن کي ھدايت ڏني وئي ھئي جيڪي ڇوڪرا امتحان ۾ اچن انھن کي ڪنھن بہ صورت ۾ پاس ڪرڻو آھي. ھڪ استاد ٻڌايو اسين ڪاپيون بہ چيڪ نہ ڪندا آھيون ۽ مارڪون ڏيندا آھيون. جڏھن ٻار فيل بہ ناھن ڪرڻا ۽ مارڪون بہ ڏيڻون آھن پوءِ امتحان لاءِ خرچو ڇو ٿا ڪيو ائين ئي درجو مٽائي ڇڏيو. اڳي ٻارن جون پوزيشنون اينديون ھيون جنھن سان ٻارن کي خوشي ٿيندي ھئي ۽ پڙھن جو شوق ٿيندو ھو. مان پنھنجي اسڪول ۾ ميٽرڪ ۾ فرسٽ پوزيشن کنئي ھئي مون کي ٽي ڏينھن خوشي مان ننڊ نہ آئي ھئي ۽ انھي خوشي سان مان ڪاليج ۾ داخلا ورتي ھئي ۽ ھاڻي ٻارن سان ڪھڙو ظلم پيا ڪن. ھي وقت آھي اسڪولن ۾ داخلا مھم جو جيئن نوان ٻار اسڪولن ۾ داخل ٿين ۽ انھن کي پوري اسڪيم آف اسٽڊي پڙھائي سگھجي مگر تعليم کاتو داخلا مھم ڊسمبر ۾ شروع ڪندو آھي جڏھن ٻار سڄو ڪتاب پڙھي چڪا ھوندا آھن ۽ نوان ٻار ڪو ڪتاب پڙھي نہ سگھندا آھن ۽ انھن جو شوق ختم ٿي ويندو آھي ۽ اُھي ڊراپ آئوٽ ٿي ويندا آھن. تعليمي اداري کي گھرجي داخلا مھم جلد کان جلد شروع ڪن جئين نوان ۽ پراڻا ٻار بھتر طريقي سان تعليم حاصل ڪري سگھن.