درد دل جا بکيا اڊيڙي ويو!

0
113
درد دل جا بکيا اڊيڙي ويو!

 اسحاق سولنگي، ٺاروشاهه ڀرسان دليپوٽا ڳوٺ جو رهواسي آهي. هن ڀيري مليو ته محسوس ڪيم ته هن کي هلڻ۾ ڪافي ڏکيائي ٿئي پئي، پر ياداشت جي حوالي سان هڪ هن وٽ ڳالهين جا ڪيئي ڳوٺ ٻڌل هئا. هڪ وقت هو جو اسحاق، ڪوڏي ڪوڏيءَ جو ڀلو کيڏاري هو. راند جي ڪري تر ۾ سندس وڏو نالو پيدا ٿي ويو هو، پر پوءِ معاشي حالتن جي ڪٻڊيءَ هن کي پاسن کان اهڙا ته ڌڪ هنيا جو هو ڏينهن به ڏينهن ڪمزور ٿيندو ويو.ان ڏينهن جي ملاقات ۾ مان هن کان هن جي ماضيءَ بابت احوال وٺڻ چاهيا. ان جو هڪ سبب هي به آهي ته اسان مان اڪثر ماڻهو Nostalgic آهن. Nostalgia ۾ توهان کي پنهنجو ماضي، نهايت شاندار خوبصورت لڳندو آهي. اڪثر توهان ان جي يادن ۾ رهڻ لڳندا آهيو. مان هن کان انهن راندين جا نالا معلوم ڪرڻ چاهيا ته هن هڪ ئي ڌڪ ۾ ’ارچڪمرچڪ، اس ۽ ڇانو، اکرڀوري، اڪي ٻَڌي، اسڙي ڇانئڙي، مَلهھ، ٻلھاڙو، اٽي ڏڪر، ونجھوٽي، لڪڇپ، نوڙي ٽَپ ڏيڻ، شينھن ٻڪري، ڪنگري ڪلوٽو، الھوٻلھو، انڊڪ منڊڪ، پٺوبال، نَوَٽِڻ، ڪوڏيون، ڪبوتربازي، بلور، گُليل، لاٽون، ٺڪريون، ڦرڦرسؤنٽو، ٿلم ٿالھي، ليٽ ڪبوتر، گُڏي گُڏو، سَٽَڪُٽَ، لغڙاڏائڻ سميت ڪيترين ئي راندن جا نالا هن کي ياد هئا. انهن سڀني راندين جا نالا وٺڻ مهل مان محسوس ڪيو ته هن ڪوڏي ڪوڏي يا ڪٻڊيءَ جو نالو نه ورتو. جنهن تي هن جي مرجهايل چهري ڏي ڏسي چيم: ”استاد، ڪٻڊيءَ جو نالو ڇو نه کنيو؟“ منهنجي اها ڳالهه ڪرڻ هو عجيب ڪيفيت ۾ مبتلا ٿي ويو. ڪجهه ڳالهائڻ چاهيائين پر نه ڳالهائي سگهيو.مان هن کان موڪلائي گهر پهتس اڃا ڪجهه وقت گذريو ته پويان ڀاءُ اشرف جي فون آئي ته اسحاق گذاري ويو. پيرن هيٺان زمين نڪري وئي. ڳچ وقت تائين بت بڻجي ويس. بي اختيار ڌيان هن جي ننڍن ٻارن ڏانهن هليو ويو. جوان ڌيئرون ۽ ننڍڙا معصوم پٽ، جيڪي گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان هن ولهه ۾ کليل آسمان هيٺيان ويٺل آهن. ڇاڪاڻ ته برساتن جي  گذريل تباهيءَ ۾ اسحاق جو شمار به انهن مان هو، جيڪي تمام گهڻو متاثر ٿيا هئا.

اها المناڪ انجام تي ٻڌل ڪهاڻيءَ رڳو هڪ اسحاق جي ناهي پر برساتن جي تباهيءَ کانپوءِ مهانگائيءَ به ماڻهن کي ماري وڌو آهي. سال 2020ع ۽ 21 ۾  ڪورونا جا ڪلور، 2022ع ۾ آسمان به ماڻهن سان گهٽ نه ڪيو. بقول دوست پروفيسر رياض شاهه جي  ته ڪورونا ۾ ماڻهن جا گهر ته محفوظ رهيا، برساتن ته ماڻهن کان انهن جا اجها کسي ورتا. پوءِ اسحاق، جهڙيون کوڙ ڪهاڻيون، توهان کي ڪافي ڳوٺن ٻاهرين رستن تي ملنديون، ڇاڪاڻ ته انهن ڳوٺن ۾ نه گهر رهيا آهن نه گهٽيون نه اتان جا رهواسي! هن وقت تائين مها آفت جا آفٽر شاڪس به جاري آهن. ان جو هڪ سبب ته سياريءَ جي ڪري پاڻي سڪڻ ۽ لهڻ لاءِ تيار ناهي.

ڀريا جي ڀرسان ممن کاهيءَ جو رهواسي احمد  به انهن ماڻهن ۾ شامل آهي، جن جا هن وشال دنيا ۾ گهر ناهن هوندا. ايئن به نه هو ته هو گهر تڙ وارو نه هو، پر برساتن هن کان پيرن هيٺيان ڌرتي کسڪائي ورتي، هو اڄ به دربدر آهي. نوشهري کان شاهي رستو وٺي ڀريا ويندي واٽ تي ممن کاهي، کاهي راهو ۽ کاهي ڪنڊا جي نالي سان کاهين تي ٻڌل ٽي ڳوٺ اچن ٿا. انهن ڳوٺن جي نالي ساهتيءَ جو تاريخ نويس امام علي شاهه اڪثر چوندو هو ته راجا ڏاهر ۽ بن قاسم جي آخري جنگ ڀرواڙ قلعي (موجوده ڀريا شهر) ۾ ٿي هئي ۽ سنڌي فوج، عربن کان بچاءَ لاءِ اهي کاهيون کوٽايون هيون، جيڪي اڄ به موجود آهن. شاهه صاحب اڪثر چوندو هو ته ”مان هڪ ڏينهن راجا ڏاهر جي مڪني هاٿيءَ جا هڏا، هن علائقي مان ڳولي لهندس. شاهه صاحب پنهنجي حياتيءَ ۾ راجا جي مڪني هاٿيءَ جا هڏا ته نه لڀي سگهيو، البته پويان ماڻهن جا روح به اتي هاڻي وڃائجي ويا آهن. انهن مان غلام شبير لوهاچ به هڪ آهي. غلام شبير شايد اها ڳالهه ڪڏهن به نه سوچي هئي ته هن جي اکين ۾ سجايل سهڻا سپنا، ايئن چڪناچور ٿي ويندا ۽ هو نه پيو ڄاڻي ته زندگي، هن کي ڀريل گهر ڇڏي ايئن روڊن رستن تي رلائيندي، هن اهو به ڪڏهن نه سوچيو هو ته حياتيءَ ۾ جنهن گهر کي هٿن سان سجايو اهي کنڊر جي صورت سامهون هوندا، هن ڪڏهن اهو تصور به نه ڪيو هو جيون ڪهڙي ريت انسان کي دربدر ڪندو، جو سڀ ارمان اکين ۾ رهجي ويندا. هن ڪڏهن به ان ڳالهه تي غور نه ڪيو هو. هاڻي ته اتي ڪجهه به ناهي رهيو بس دردن سان سٿيل لاتعداد ڪهاڻيون ئي آهن؛ جن ۾ انهن بي وس ۽ لاچار ماڻهن تي نه  آسماني فطرت کي رحم آيو نه زميني حڪومت کي ڪو ترس اچي ٿو. هن وقت تائين اهي اڻ کٽ داستان رڳو ڪجهه خاندانن جا نه هزارين ڪٽنبن جا آهن، جيڪي اڄ به رستن تي رلندي ملن ٿا.

ٺاروشاهه ڀرسان ڳوٺ ڦلو واهڻ جي گهرن تائين پاڻي بيٺل آهي. مهينن کان بيٺل پاڻي بس ڪجهه فٽ پوئتي هٽيو آهي، پر ان جي بدبوءِ حياتي کي وهه وٽو بڻائي ڇڏي ٿي. ان ڳوٺ مان ڪيترائي ماڻهو هاڻي ويجهن شهرن ۾ پناهه وٺي ترسيا پيا آهن، پر اها به ڪربناڪ زندگي آهي. گهرن کان پري رهڻ  جي جداين جا درد ڇا هوندا آهن؟ هنن معصوم ماڻهن جي اکين ۾ پسي سگهجن ٿا. اهڙا درد، اهڙا ارمان جن کي ماپي نه ٿو سگهجي. اهڙين حالتن ۾ درد دلين جا بَکِيا اڊيڙي ڇڏيندو آهي ۽ پوءِ ضبط جون سڀ ديوارون ريزه ريزه ٿي وينديون آهن.

هن ڳالهه چوڻ ۾ بلڪل به وڌاءُ نه ٿيندو ته سنڌ جي دل سمجهيو ويندڙ ساهتي پرڳڻو، جنهن ۾ سڄو ضلعو نوشهرو فيروز اچي وڃي ٿو. هيل پيل برساتن ۾ سڀ کان گهڻو متاثر ٿيو. 2946 چورس ڪلوميٽرن تي ڦهليل هي پرڳڻو، هن وقت به آسمان جي اک مان بحر جو ڏيک ڏئي ٿو، توڻي جو آفت کي ڇهه مهينا ٿيڻ تي آهن ۽ هتان جي مقامي صحافين کان عام ماڻهن تائين هر شخص ڄاڻي ٿو ته ڀلي هن علائقي کي قدرتي آفت شديد برساتن جي صورت ۾ ٻوڙي ڇڏيو، پر انهن بااثرن جون مهربانيون پڻ شامل آهن. جن پنهنجا باغ ٻنيون بچائڻ لاءِ مشينن جي مدد سان پاڻيءَ کي غريبن جي اجهن ڏانهن نيڪالي ڏياري. نتيجي ۾ وڏيرن جون ٻنيون ٻارا ته بچي ويا پر مسڪينن جي اجهن سان گڏ انهن جا سڀ سپنا به ان پاڻيءَ ۾ لڙهي ويا، جيڪي بظاهر زندگي سڏجي ٿو ۽ حياتي ڪهڙي ريت بوجهه ٿي ويندي، اهو ڪير هنن مسڪينن کان معلوم ڪري، پر هي ڇا وقت جي ستم ظريفي جو هو هاڻي ڳالهائڻ کان لاچار آهن، ٻين لفظن ۾ هو مري رهيا آهن. توهان ’نيرو، روم ۽ بانسري‘ جي ڳالهه ڀلي ٻڌي هوندي، پر عجب جهڙي ڳالهه ته جنهن وقت هي سڄو علائقو وڏي مصيبت ۾ وڪوڙيل هو، ان وقت ضلعي نوشهري فيروز جو ڊپٽي ڪمشنر ٺيڪيدارن سان ملي ’موٽر وي ايم-6‘ جي منصوبي ۾ اربين روپين جا ڌاڙا هڻي رهيو هو ۽ پوءِ آرام سان پرڏيهه فرار ٿي ويو، جتي هو يقينن خوش زندگي گذارندو هوندو. رهيو معاملو پوين ماڻهن جو ته هو خاموش آهن. هنن جي اکين جي اداسائي سوين هزارين درد جي داستانن جي شاهد بڻيل آهي. ڪالهه جن گهرن ۾ خوشيون هيون. اڄ انهن جا ڀاتي هاڻي اوپرا ۽ نڌڻڪا لڳا پيا آهن. پنهنجن گهرن هوندي هو ڪهڙي ريت بي گهر ٿي ويندا، شايد هنن ڪڏهن سوچيو به نه هو. انهن بي گهر ٿيل ماڻهن جا سڀ سپنا پاڻي پي ويو.