دردمند دلين جي دانهن پڪار

0
27
دردمند دلين جي دانهن پڪار

 جڏھن کان سنڌ حڪومت نوجوانن لاء نوڪري جي حد 28سال مقرر ڪئي آھي, تڏھن کان هو مايوس آھن, ڇاڪاڻ ته پڙھندي هو اٺاويهه سالن جي عمر کي پهچي ٿا وڃن ۽ پوء جيستائين نوڪرين جا اشتهار اخبارن ۾ لڳن, نوجوان انهن ادارن ۾ درخوستون جمع ڪرائين ۽ انٽرويو ۾ وهن, تيستائين هنن جي عمر نوڪري واري مدت کان مٿي چڙھي وڃي ٿي, پوء وري انهن کان ننڍي عمر وارا نوجوان نوڪرين جي پروسيس ۾ ھلندا آھن, تان جو اهي به نوڪرين جي آسري ۾ ويهي عمر گنوائي ٿا ڇڏين. غريب  نوجوانن وٽ نه پئسو هوندو آھي ۽ نه ئي سفارش, جنهن ڪري هو اوس بيروزگار ئي رهجي وڃن ٿا, شادي ڪرڻ ,خوبصورت گهر بڻائڻ۽ زندگي جي آسودگي جا سندن سمورا خواب اڌورا رهجي ويندا آھن, سياسي جادوگر اليڪشن جي موسم ۾ نوجوانن جي ذھنن ۾ بهتر مسقبل جون اميدون ڀري کانئن زوردار نعرن سان اليڪشني ماحول گرمائيندا آھن, پر افسوس اليڪشن کٽڻ کان پوء چونڊيل نمائندا سندن سڃاڻو ئي نه ٿيندا آھن, هو اسيمبلين ۾ پهچڻ کان پوء نوڪريون وڪڻڻ کان ويندي سندن ھر حق تي ڌاڙو هڻندا رهندا آھن , نوجوان بار بار ڪوششن باوجود جڏھن ناڪام ٿيندا آھن, ته هو مايوسين جي دنيا وڃي وسائيندا آھن.

ياد آيو هڪ ڏينهن هڪ همراه, نوجوان کي اسماعيل راهو وٽ وٺي آيو, جنهن مهل اسان فاضل راهو ادبي ڪميٽي جي گڏجاڻي ۾ ويٺل هئاسين, همراه اسماعيل کي چيو, سائين هن کي نوڪري ڏيو. اسماعيل صاحب ڪنڌ ڌوڻيو, همراه رکي وري چيو سائين ڀلا ٻي نوڪري نٿي ملي ته هن کي انڊس اسپتال ۾ لڳايو, اسماعيل صاحب چيو آئون ڳالهائيندس. ان وقت بيروزگار جي اکين ۾ اميد جي لهر جاڳي پيئي, پوء هو ٻئي ڄڻان بنگلي مان ٻاهر هليا ويا.

آسرو آھي اڃان، جيسين جوڀن ڏينهن،

ڪارونجهر تي مينهن، آھن سانوڻ وسڻا!

مون ڪيترن ئي چونڊيل نمائندن ۽ وزيرن جي بنگلن تي بيروزگارنوجوانن جون بيٺل قطارون ڏٺيون هيون، جن نوڪرين لاء کين منٿون ٿي ڪيون. هڪ ڏينهن منهنجي دوست اشرف ڪاتيار فون ڪئي ته آئون اوهان سان ملڻ لاء اچان ٿو, هو اوطاق تي پاڻ سان گڏ خوبرو جوان به وٺي آيو. چيائين سجاد وٺي آيو آھيان. حاجي رسول بخش چانڊيو يا ٻئي ڪنهن وٽ ھل نوڪري وٺي ڏي. مون چانھ مان ڍڪ ڀري اشرف ڏانهن ڏٺو ۽ شائستگي سان چيو اشرف جيڏانھن به چوندين هليو هلندس، ڀلي اهو جنگ جو ميدان ڇو نه هجي, باقي نوڪريون ته نوٽن تي آھن. وڏن ماڻھن وٽ “ھا” جي بک ڪونهي. نوڪري قسمت ۾ ھوندي ته ملي ويندي، حڪومتي ماڻھن مان اميد ڪونهي, اشرف ڳالھ سمجهي ويو. ڪچهري ڪري هليو ويو. ڪجھ مهينن کان پوء ھو ٻئي ڄڻا اجرڪون کڻي مون کي پارائڻ آيا. مون اجرڪن پارائڻ جو سبب پڇيو. ٻڌايائون ته توهان جيڪا واٽ ڏسي بهتر هئي، وڏيرن جي بنگلن تي وڃڻ بجاء سجاد محنت ڪئي ۽ ماستر ٿي ويو. وڏيرن جي پويان ڊوڙون ها ته وقت گذري وڃي ها، ٿئي ڪجھ به ڪونه ها. سوچيان ٿو ته حالتون ساڳيون نٿيون رهن, ڪالھ ماڻھن کي سڏي نوڪريون ٿي ڏنائون, پر اڄ ماڻھو نوڪرين لاء ڊوڙي ڊوڙي ٿڪي پيا آھن, نوڪري نٿي ملي, غريب نوجوانن کي چيو وڃي ٿو اوهان اهل نه آھيو.

تاريخ ۾ ڏسجي ٿو ته ڪيترائي شھنشاه ,جاهل ۽ اڻ پڙھيل به هئا. روشن اختر عرف ايم شاه رنگيلو به بادشاه هو، جيڪو درٻار ۾ اڪثر زنانو لباس پائي ايندو هو. هو مغل سلطنت جو تيرهون بادشاه هو. پاڻ 1702ع ۾ ڄائو ۽ 1748ع ۾ فوت ٿيو, اورنگزيب عالمگير سندس پڙ ڏاڏو هو, رنگيلي بادشاهه کي نادرشاه معزول ڪري قيدي ڪيو, سندس دور حڪومت, عياشي توڙي لاپرواهي جو دور ليکيو وڃي ٿو.

ميسور جو بادشاه حيدر علي خان جيڪو 1752ع ۾  ميسور جي هندو راجا ڪرشنا راجا واڊيار جي فوج ۾ سپاهي ڀرتي ٿيو هو, ۽ 1775ع ۾ سلطنت ميسور جو سپه سالار بڻيو. حيدرعلي خان 1761ع ۾ راجا جو تختو اونڌو ڪري حڪومت تي قبضو ڪيو. سندس حڪومت 1782ع تائين رهي. پاڻ اڻپڙھيل هو, ليڪن پنج ٻوليون ڄاڻندو هو, سرطان جي بيماري ۾ وفات ڪيائين, سندس قبر ڀارتي رياست ڪرناٽڪ جي ضلعي مانڊيا جي شھر سرنگاپٽم ۾ آھي.

سلطان محمد غوري جو غلام، قطب الدين ايبڪ به غلامي مان ترقي ڪري بادشاه ٿيو, ترڪ نسل جو هي گهراڻو ڏاڍو چالاڪ هو, هن گهراڻي 1206ع کان 1250ع تائين برصغير تي حڪومت ڪئي, چالاڪ ماڻھو ڪيئن نه ڪلٽيون کائي اڳيان نڪري ٿا وڃن، جڏھن ته سادا ماڻھو سندن دردن جا داستان زندگي ۾ ايئن ڇڏي وڃن ٿا, جيئن مانڊو جي محلاتن ۾ راڻي روپمتي ۽ باز بهادر جي عشق جا داستان هر در و ديوار تي اڪريل آھن. روپمتي مالوا جي حسين شھزادي هئي ۽ باز بهادر  مالوا جو راجا هو, جڏھن اڪبر بادشاه منڊو کي فتح ڪرڻ لاء ادهم خان کي روانو ڪيو ته ان جنگ ۾ باز بهادر کي شڪست آئي, هو مدد وٺڻ لاء چتور ڳڙھ ڀڄي ويو ۽ روپمتي گرفتاري جي خوف کان زهر کائي خودڪشي ڪري ڇڏي. ونڌيا جبل جي قطارن وچ ۾ مالوا خطي جو ٻه ھزار فوٽ اوچائي وارو قلعو مانڊو تيرهين صدي جي پڇاڙي تائين پرمار گهراڻي جي راجپوت حڪمران جي هٿ هيٺ رهيو ,انهن کان پوء مانڊو جي محلات تي افغاني سلطانن ايئن اچي قبضو ڪيو, جيئن حڪومتي ميمبرن جا خاص ماڻھو سرڪاري نوڪرين تي قبضو ڪندا آھن.

وجوديت جي فلسفي موجب انسان کي ڄمڻ کان مرڻ تائين ڪجھ شرطن تي زندگي گذارڻ جي آزادي هوندي آھي, پر اسان وٽ هر غريب ماڻھو آزاد هوندي به ڄڻ قيد ۾ آھي, هتي ته انهن سان اهڙو ويڌن ڪيو وڃي ٿو, جهڙو ويڌن غلام قادر روحيلو شھنشاه هند، شاه عالم سان ڪيو هو. احمد شاه ابدالي سردار نجيب الدوله کي دهلي جي بادشاه جو وزير اعظم مقرر ڪيو. 1770ع ۾ ان جي مرڻ کان پوء بادشاه جي درٻار ۾ مرهٽا زور وٺڻ لڳا. شاه عالم، مرهٽي سردار سنڌيا کي,وڪيل المطلق, جي خطاب سان نوازيو, جيڪا ڳالھ روهيلا افغانن کي ناپسند هئي, ڪجھ وقت کان پوء سردار نجيب الدوله جي پوٽي غلام قادر روهيلي افغانن جي مدد سان 1788ع ڌاري دهلي تي حملو ڪيو ۽ شاه عالم کي شڪست ڏني هو جڏھن شاهي قلعي ۾ داخل ٿيو ته هن شھنشاه عالم شاه کي قيد ڪري وزيرن جون اکيون ڪڍائي انڌو ڪرائي ڇڏيو, آخر ۾ غلام قادر شھنشاه کي محلات ۾ لڪايل خزاني جو صحيح پتو نه ٻڌائڻ تي ان کي به انڌو ڪرائي ڇڏيو, علاما اقبال غلام قادر جي ظلمن تي سندس ڪتاب, بانگ درا ۾ ھڪ نظم لکيو هو, جنهن ۾ ھن غلام قادر جي ظلمن جو داستان تحرير ڪيو هو.

روهيلا ڪس قدر ظالم، جفاجو، ڪينا پرور ٿا،

نڪالين شاه تيموري ڪي آنکين نوڪ خنجر سي.

انساني تاريخ ۾ فاتحن هميشه شڪست کاڌل بادشاهن کي قيدخانن کان ويندي قتل ڪرڻ تائين کين سڀ اذيتون ڏنيون آھن. اهڙين حالتن ۾ رعيت به وڏو ڀوڳيندي آھي.

آئون تاريخ جي ندي مان ٽٻي هڻي ٻاهر نڪران ٿو, هن وقت آئون ن رڳو  سندم فرزندن مجيب الرحمان, فضل الرحمان ۽ سيف الرحمان جي بهتر مستقبل لاء فڪرمند آھيان پر آئون ڪاڇي کان ڪيٽي بندر تائين ۽ ڪراچي کان ڪارونجهر تائين رهندڙ انهن سڀني پورهيتن جي اولاد  لاء به فڪر مند آھيان، جن جي اکين ۾ بهتر مستقبل جا خواب شب روز ليئا پائيندا رهن ٿا, ھن وقت اسان وٽ غربت جو اهو عالم آھي جو بيروزگار نوجوانن وٽ نوڪرين جي چيلان ڀرڻ ۽ ڊوڙ ڊڪ جو خرچ ناهي. ڪجھ سال اڳ ٿرواسي هڪ نوجوان نوڪري جي پٺيان ڊوڙي ڊوڙي نيٺ ڳئون پيرن تي وٺي اچي اسان جي پاڙي ۾ ٻين ڀاڳين سان گڏ واڙو ٺاهي رهيو هو. هڪ ڏينهن مون وٽ اوطاق تي آيو ۽ چيائين سائين مون کي نوڪري وٺي ڏي, آئون مال چاري چاري ٿڪي پيو آھيان. مون پوليس جي سپاهي لاء درخواست ڏني، ڊوڙ پاتي، لکت جو امتحان پاس ڪيو, پڇا ڳاڇا واري امتحان ۾ فيل ڪيو ويو. مون کي ياد آيو، منهنجي ننڍي ڀاءَ صوبيدار بشام خان پوليس جي نوڪري لاء ان وقت ايس ايس پي حيدرآباد خواجا صاحب (نالو وسري ٿو وڃي) کي درخواست ڏني. جيڪو پوء ميرپورخاص جو ڊي آءِ جي ٿي رٽائر ٿيو هو. هن شيٽ ڪلرڪ کي چيو قد ۽ ڇاتي جي ماپ وٺ. جيڪڏھن ماپ پوري هجي ته فزيڪل لاء ليٽر ڏي. ڏھن پندرهن ڏينهن ۾ بشام خان جو پوليس جو آرڊر اچي ويو. ان وقت نوجوانن کي پوليس جي نوڪري    درخواست ڏيڻ کان پوء فزيڪل فٽنيس تي ڏني ويندي هئي. آرڊر ملڻ کان پوء آفيس ۾ سرٽيفڪيٽ جمع ڪرايا ويندا هئا. هن وقت ته سپاهين لاء اهڙي ٽيسٽ ورتي وڃي ٿي، جهڙي سترهين گريڊ جي آفيسرن لاء ورتي وڃي ٿي.

سٺي ڳالھ آھي ته هر اداري ۾ ڪم ڪندڙ ماڻھن جو تعليمي توڙي اخلاقي معيار بهتر کان بهتر هجي, پر افسوس اسيمبلين ۾ ڪجھ اهڙا ماڻھو به چونڊجي اچن ٿا، جيڪي ڪرپٽ ۽ رشوتخور هوندا آھن، جن منجهاران غريب ماڻھن کي فائدي بجاءِ نقصان رسندو آھي. آئون ان صورتحال تي دعا جون هي سٽون ورجايان ٿو:

يارب, هيء دنيا اونهيء کڏ وانگر آھي،

 جنهن ۾ آئون ساري عمر اکيون ٻوٽي گهميو آھيان.

تو بار بار مون کي ان جي تري مان ٻاهر ڪڍيو آھي،

 مون تي پنهنجو ٻاجهارو هٿ رکيو آھي

۽ اهو ٻاجهارو ھٿ مون مٿان ڪڏھن به نه کڻج.