راڻيپور(ن پ ا) درازا ۾ صوفي بزرگ حضرت سچل سرمست رحه جو ساليانو 204 هون عرس جاري آهي، گذريل رات موسيقي جي محفل ٿي، جنهن ۾ حميرا چنا، طفيل سنجراڻي، عبدالغفور سومرو ارشاد علي شاهه، رجب سهراب فقير، شريف عباسي، ضامن علي، ماسٽر ولي، زوار فقير، شازيه ماروي، مارول گروپ، ممتاز ڪنول، استاد علي گل لهراڻي، معصوم مختيار، رخسانه سورٺ، عابدهه علي، ممتاز ڪنول، اقرار وحيد، ذوالفقار علي، مظهر علي، گل حسن ملڪ، اياز ملاح، انور زرداري، رانجهڻ فقير ڀٽي ۽ ٻين ڪلام ڳائي ماڻھن کي جھومائي ڇڏيو، عرس جي موقعي تي سچل ڪامپليڪس کي ڪنوار جيان سينڳاريو ويو آهي، ضلعي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان سخت حفاظتي انتظام ڪيا ويا.