دبئي (انٽريسٽنگ نيوز) دبئي ۾ عوام لاءِ پهريون ڀيرو سون جي اليڪٽرڪ ڪار پکن ذريعي کٽڻ جو موقعو فراهم ڪيو پيو وڃي، هر ڪوئي دبئي جي پهرين K24 گولڊ پليٽڊ ڪار تي سوار ٿيڻ چاهي ٿو، جڏهن ته هاڻي اها خواهش ان لاءِ حقيقت جو روپ وٺي سگهي ٿي، جيڪو دبئي جي گولڊ سوڪ ايڪسٽينشن لڪي ڊرا جو فاتح هوندو، منتظمين موجب 14 نومبر کان 29 ڊسمبر تائين شرڪت ڪندڙ آئوٽ ليٽس تي خرچ ڪيل هر 500 درهم جي بدلي خريدار مشهور اليڪٽرڪ گاڏي کٽڻ جي موقعي لاءِ هڪ ريفل ٽڪٽ حاصل ڪري سگهي ٿو، جيتوڻيڪ پکن ۾ ان اصلي سون واري سائبر ڪار جي اصل قيمت جو ذڪر ناهي ڪيو ويو، پر بنا سون جي بلڪل نئين گاڏي جي قيمت مارڪيٽ ۾ تقريبن 490،000 درهم آهي، واضح رهي ته دبئي گولڊ سوڪ ايڪسٽينشن ڊرا هڪ وڏي پروجيڪٽ جو حصو آهي، جيڪو لڳ ڀڳ 300 دڪانن تي مشتمل آهي.