دبئي (م ڊ) دبئي ۾ خميس وار ي ڏينهن کان گم اسرائيلي ربي (مذهبي اڳواڻ) جو لاش ملي ويو آهي. عرب ميڊيا موجب اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس ۽ اسرائيلي پرڏيهي وزارت اعلان ڪيو آهي ته ربي زوي ڪوگن جو لاش ملي ويو آهي. اسرائيلي ۽ اماراتي عملدارن قتل جي جاچ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪوگن جو قتل هڪ مجرماڻو ۽ يهودي مخالف دهشتگردي جو واقعو آهي. اسرائيلي رياست ڏوهارين کي انجام تي پهچائڻ لاءِ هر قدم کڻندي. اسرائيلي مڊيا موجب مقتول يهودي ربي زوي ڪوگن وٽ يورپي ملڪ مالدووا جي شهريت به هئي. زوي ڪوگن مالدووا جي پاسپورٽ تي دبئي جو سفر ڪري رهيو هو. يو اي اِي ۾ مالدووا جو سفارتخانو به قتل جي جاچ ۾ شامل ٿي ويو آهي. اماراتي گھرو وزارت ۽ اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس گذريل ڏينهن زوي ڪوگن جي لاپتا ٿيڻ جو ٻڌايو هو.