قمبر (رپورٽر) قمبر لڳ دبئي ۾ ٿيل جهيڙي جي پلاند ۾ چانڊيا برادري جي ماڻھن لٺيون هڻي پيرسن کي زخمي ڪري ڇڏيو، ڳوٺ سونو وڳڻ جو رهواسي پيرسن ممتاز ميرجت هڪ عورت ۽ ٻارن سميت موٽر سائيڪل تي ڳوٺ وڃي رهيو هيو ته غيبي ديرو روڊ تي چانڊيا برادري جي لٺ بردار ماڻھن کيس روڪي عورتن کي گاڏي تان لاهي پيرسن کي لٺيون ۽ لتون هڻي مارڪٽ ڪري زخمي ڪري ڇڏيو، متاثر پيرسن حد جي ڊرگهه ٿاڻي تي گلزار چانڊيو.سيف الله چانڊيو ۽ ٻين خلاف اين سي داخل ڪرائي ڇڏي آهي، پوليس موجب ته دبئي ۾ چانڊيا ۽ ميرجت برادري جي ٻن ڌرين ۾ پئسن جي ڏيتي ليتي تان منهن ماري ٿي هئي، جنهن جي پلاند ۾ چانڊيا برادري جي ماڻھن پيسن کي مارڪٽ ڪئي، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آھيون.ٻي طرف تشدد جو نشانو بڻيل ممتاز ميرجت جو چوڻ هيو ته منهنجي پٽ امتياز ۽ ٻن ڀاڻيجن سان ڪجھه وقت اڳ دبئي ۾ اسڪريپ ( ڪٻاڙ) جو مال کڻڻ جي معاملي تان چانڊيا ڌر جي ماڻهن سان ڏند چڪ ٿيا هئا، جنهن تي آءِ مخالف ڌر ڏانهن ميڙ به کڻي ويس، ان باوجود ڳوٺ ڀرسان مون تي تشدد ڪيو ويو. هن چيو ته اسان غريب آھيون چانڊيا برادري جي ماڻھو ڏاڍ ڪري اسان سان وڙھيا آھن.