دبئي(اسپورٽس نيوز) دبئي پوليس اسٽيديم ۾ راندين جي قانونن جي ڀڃڪڙي تي سخت ڪارروائي جي وارننگ جاري ڪري ڇڏي. هي وارننگ تازن واقعن جي پسمنظر ۾ جاري ڪئي وئي، جتي دبئي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ڀارت ۽ آسٽريليا جي سيمي فائنل کانپوءِ هڪ ڪرڪيٽ مداح ميدان ۾ گهڙي آيو هو. ان کانسواءِ، دبئي پوليس مختلف فٽبال ميچن دوران غير قانوني مواد (ميرين ڊسٽريس سگنلز) استعمال ڪندڙ شوقينن کي گرفتار ڪيو، جيڪي رانديگرن ۽ ڏسندڙن لاءِ سنگين خطرو هئا. دبئي پوليس مداحن کي خبردار ڪيو آهي ته اسٽيديم ۾ خطرناڪ مواد يا آتش بازي جي استعمال تي سخت ڪارروائي ٿيندي، جنهن ۾ ڏنڊ ۽ قيد جي سزا لاڳو ٿي سگهي ٿي. پوليس موجب، قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي هڪ کان ٽي مهينا قيد يا 5 هزار کان 30 هزار درهم تائين ڏنڊ ٿي سگهي ٿو، جيڪو پاڪستاني رُپين ۾ اٽڪل 3 لک 80 هزار کان 22 لک 85 هزار تائين ٿيندو. پوليس واضح ڪيو آهي ته اسٽيديم ۾ تشدد، نسل پرستي، يا سياسي سرگرمين ۾ ملوث شوقينن خلاف به سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. دبئي پوليس مداحن کي اسپورٽس مين شپ جو مظاهرو ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته رانديگرن ۽ شوقينن جي حقن جي تحفظ لاءِ 2014 ۾ جاري ٿيل اماراتي قانون نمبر 8 تحت سخت قدم کنيا ويندا.